ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جي اسٽيٽس ۾ ڪائي ڦيرڦار ناهي ٿي: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين جي الزام هيٺ گرفتار ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي اسٽيٽس ۾ ڪائي تبديلي ناهي ٿي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ طرفان هفتيوار بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نگران وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا ويل آهي، جتي هو پنهنجي خطاب دوران ڪشمير مسئلي سميت اهم معاملن تي پاڪستان موقف پيش ڪندو.

هن ٻڌايو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪري ٿو، ڀارت ڏهاڪن کان ڏکڻ ايشيا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي، پاڪستان اميد ڪري ٿو ته دنيا ۾ جتي به پاڪستاني ۽ ڪشميري آهن کين لاڳاپيل حڪومتون تحفظ فراهم ڪن.

سندس چوڻ هو ته 2016ع ۾ ڀارتي ڳجهي اداري را جي ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو کي گرفتار ڪيو ويو، ڀارتي جاسوس پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين جو اعتراف ڪيو، ڀارت کي پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هجڻ تي ڊوزيئر ڏنو ويو، ڀارت جون 2021ع ۾ به لاهور ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي ڪئي.

ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ رابطن جو مرڪزي فورم ٻنهي ملڪن جا سفارتخانا آهن، انڊس واٽر ڪمشنرز به پاڻ ۾ رابطو ڪندا آهن، پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم او جي گڏيل رابطن جو فورم به هلي رهيو آهي.

هڪ سوا جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ڪئناڊا ۾ ڀارت طرفان هڪ سک جي ٽارگيٽ ڪلنگ افسوسناڪ آهي.

ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان جي بيان کي ساراهيون ٿا، ترڪيه سدائين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير بابت پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي، ڪلڀوشن ياديو جي اسٽيٽس ۾ ڪائي ڦيرڦار ناهي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.