ايشيائي ترقياتي بئنڪ ( اي ڊي بي ) جي رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال اليڪشن ڪرائڻ سان پاڪستان جي معيشت کي سنڀالي سگهجي ٿو.
پاڪستان جي معيشيت بابت پنهنجي رپورٽ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ چيو ته مالي سال 2024ع دوران چونڊن سان پاڪستان جي معيشيت کي اعتماد ملندو، توانائي جي قيمت ۾ اضافي ۽ رپئي جي ملڪ ۾ گهٽتائي سبب مهانگائي وڌڻ جو خدشو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معيشيت جي ترقي جي شرح هڪ ڏهائي 9 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، معاشي ترقي جي شرح ۾ مستحڪم گروٿ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ضروري آهي.
ايشيائي ترقياتي بينڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته هلندڙ مالي سال مهانگائي جي مجموعي شرح 25 سيڪڙو تائين رهندي، مارڪيٽ بيسڊ ايڪسچينج ريٽ ۽ پاور سيڪٽر ۾ سڌارا ضروري آهن، مستحڪم معاشي گروٿ لاءِ حڪومتي ملڪيتي ادارن ۾ سڌارا به ضروري آهن.
ايشيائي ترقياتي بينڪ جي رپورٽ موجب، گذريل مالي سال پاڪستان جي معيشيت کي ٻوڏ ۽ سياسي عدم استحڪام کي منهن ڏيڻو پيو جنهن سبب مهانگائي ۽ ترقي جي شرح گهٽ رهي، مستحڪم گروٿ لاءِ ايشياتي ترقياتي بينڪ جي پاڪستان جي اڪانامي لاءِ ڀائيواري جاري رهندي.…