ڪئناڊا جا ڀارت تي الزام، پاڪستان جو موقف سامهون اچي ويو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ) پرڏيهي سيڪريٽري سائرس قاضي چيو آهي ته ڀارت جي ڪئناڊا ۾ دهشتگردي پاڪستان لاءِ حيران ڪندڙ نه آهي، ڀارت کي جيئن اسان سمجهون ٿا ٻيو ڪير نٿو سمجهي سگهي.

نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس دوران پاڪستان جي سيڪريٽري سائرس قاضي جو چوڻ هو ته ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو طرفان ڀارت تي جيڪي الزام مڙهيا ويا آهن انهن ضرور ڪائي حقيقت هوندي، تڏهن ئي هن اهڙا الزام لڳايا آهن.

سائرس قاضي چيو ته اسان ڪئناڊا طرفان ڀارت تي لڳايل الزامن تي سرپرائز ناهيون، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ مسلسل رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت، پاڪستان ۾ عدم استحڪام جي ڪارروائين ۾ ملوث رهيو آهي، اسان ڀارت جي حاضر سروس نيول آفيسر کي پڪڙي چڪا آهيون، فيبروري 2019ع ۾ اسان دفاع ڪيو، ضرورت پئي ته وري ڪنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جمعي ڏينهن جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران ڪشمير ۽ افغانستان سميت سمورن اهم معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو، پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني به سائيڊ لائنز تي اهم ملاقاتون ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.