دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ جو آفيشل ترانو رليز ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي طرفان اربع ڏينهن ايندڙ مهيني ڀارت ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو آفيشل ترانو رليز ڪيو ويو آهي.
آءِ سي جي يوٽيوب چئنل تي ورلڊ ڪپ 2023ع جو ترانو ” دل جشن بولي“ جي عنوان سان رليز ڪيو ويو آهي جنهن ۾ بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه پرفارم ڪيو آهي.
ورلڊ ڪپ جو ترانو ون ڊي ايڪسپريس نالي هلندڙ ٽرين ۾ فلمايو ويو آهي، تراني جي موسيقي بالي ووڊ جي مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر پريم چڪرورتي جي ڪمپوزيشن ۾ تيار ڪئي وئي آهي.
DIL JASHN BOLE! #CWC23
Official Anthem arriving now on platform 2023 📢📢
Board the One Day Xpress and join the greatest cricket Jashn ever! 🚂🥳
Credits:
Music – Pritam
Lyrics – Shloke Lal, Saaveri Verma
Singers – Pritam, Nakash Aziz, Sreerama Chandra, Amit Mishra, Jonita… pic.twitter.com/09AK5B8STG— ICC (@ICC) September 20, 2023
ورلڊ ڪپ تراني ۾ ٽورنامينٽ ۾ شامل ٽيمن جي جهنڊن کي ڏيکاريو ويو آهي.
ٻئي پاسي اينٿم ۾ ٻن روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو پڻ ڏيکاريو ويو آهي، ون ڊي ايڪسپريس نالي ٽرين ۾ هڪ پاسي روهت شرما ٻئي پاسي بابر اعظم جو تصويرون لڳل آهن.
تراني لاءِ ٻول شلوڪي لعل ۽ سويري ورما لکيا آهن، جڏهن ته پريتم، ناقش عزيز، سريما چندرا، اميت مشرا، جونيٽا گانڌي، اڪاسا اورچرن پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي.