لوڊر رڪشا ذريعي دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام، 350 ڪلوگرام بارودي مواد هٿ

خيبر ( ويب ڊيسڪ ) خيبر ضلعي ۾ پوليس باورد سان ڀريل لوڊر رڪشا کي قبضي ۾ وٺي آپگهاتي حملي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو .

ڊي پي او سليم عباس موجب، باڙا ٿاني جي نالا چيڪ پوسٽ وٽ پوليس هڪ لوڊر رڪشا کي روڪيو جنهن مان وڏي مقدار ۾ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.

ڊي پي او موجب، آپگهاتي حملي آور رڪشا ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي، دهشتگرد بارودي مواد کي گاهه جي هيٺان لڪائي ڇڏيو هو جيڪو آپگهاتي حملي لاءِ استعمال ٿيڻو هو.

ڊي پي او سليم عباس ٻڌايو ته لوڊر رڪشا ۾موجود بارودي مواد کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ناڪارا بڻائي ڇڏيو آهي، لوڊر رڪشا ۾ 350 ڪلو گرام بارودي مواد موجود هو.

ڊي پي او وڌيڪ ٻڌايو پوليس علائقي کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو آهي، آپگهاتي حملو ڪندڙ جو تعلق باڙا تعلقي سان آهي جنهن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.