مشهور ادڪارا پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو

انقرا ( ويب ڊيسڪ) مشهور ترڪ اداڪارا مرفي ڪيالپ 36 ورهين جي ڄمار ۾ مٿي ۾ گولي هڻي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

ترڪ ميڊيا موجب، اداڪارا مرفي ڪيالپ پنهنجي پيءُ جي لائسنس يافته پسٽل سان مٿي ۾ گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو، هوءَ موگلا صوبي جي دالامان علائقي ۾ پنهنجي گهر ۾ اڪيلي ترسيل هئي.

علاقہ مکینوں نے فائرنگ کی آواز سن کر پولیس کو اطلاع دی جس پر پولیس بلڈنگ کی دوسری منزل پر پہنچی جہاں سے اداکارہ کی لاش ملی

ميڊيا رپورٽن موجب، علائقي واسين فائرنگ جي آواز ٻڌي پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس بلڊنگ جي ٻي ماڙ تي پهتي جتان ادڪارا جو لاش مليو، اداڪارا جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ترڪ ميڊيا جو چوڻ آهي ته اداڪارا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ٿيٽر کان ڪئي جنهن بعد ڪيئي ٽي وي شوز ۾ پڻ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

مرفي جي مشهور ٽي وي ڊرامن ۾ دي واريئر، ميٽر آف آنر، سڪاريه فرات، دي لٽل ڊي، ڊريمز اينڊ هوسپ ۽ايلف شامل آهن .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.