آءِ سي سي رينڪنگ ۾ هيزل ووڊ کان پهرين پوزيشن کسجي وئي، بابر کي به لوڏا

دبئي( ويب ڊيسڪ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ون ڊي جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ بيٽرن ۾ قومي ڪپتان بابراعظم بدستور پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ڀارت جي شُڀمَن گِل جي ٻي پوزيشن آهي.

بابر اعظم جون پوائنٽون 863 مان گهٽجي 857 ٿي ويون آهن، جڏهن ته شُڀمَن گِل جي ريٽنگ پوائنٽس 759 مان 814 ٿي ويون آهن.

ڏکڻ آفريڪا جي بيٽر رسي ون ڊر ڊوسن ٽئين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته امام الحق هڪ درجو بهتري کانپوءِ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.

پاڪستان جي فخر زمان تنزلي کانپوءِ ٽاپ ٽيم بيٽرن جي فهرست ۾ ٻاهر نڪري رينڪنگ ۾ 11 هين نمبر تي پهچي ويو آهي.

بالرن جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي محمد سراج آسٽريليا جي جوش هيزل ووڊ کان پهرين پوزيشن کسي ورتي، ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ سريلنڪا ڇهه وڪيٽون حاصل ڪندڙ محمد سراج جي رينڪنگ ۾ ڇهه درجا بهتري آئي آهي.

جوش هيزل ووڊ ۽ ٽرينٽ بولٽ جي رينڪنگ ۾ هڪ، هڪ درجو تنزلي ٿي.

محمد سراج 694 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي جڏهن ته جوش هيزل ووڊ ٻئي ۽ نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ ٽين پوزيشن تي آهي.

بالرن جي رينڪنگ ۾ شاهين آفريدي ڏهين نمبر تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.