ڪراچي ۾ مينهن وسي پيو

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي.

ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي تيز هوائن سان برسات سبب گرمي جو زور ٽتي ويو آهي جڏهن ته موسم خوشگوارٿي وئي آهي.

ڪورنگي، هاڪس بي، ماڙيپور، سرجاني، شير شاهه، ڪياماڙي، ملير، نارٿ ڪراچي، شاهراهه فيصل، صدر ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ وارن علائقن ۾ منجهند کانپوءِ تيز هوائن سان برسات پئي، موسميات کاتي وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

ان کان اڳ موسميات کاتي ڪراچي ۾ اربع تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي هئي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ موسم جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.