ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن جي هڙتال سبب ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي.
پي پي ڊي اي جي چيئرمين عبدالسميع خان چيو آهي ته ڪراچي م پيٽرول پمپس وٽ تيل ذخيرو ختم ٿي ويو آهي ڪجهه پمپس وڪرو بند ڪري ڇڏيو آهي، باقي ڪجهه پمپس متاثر ناهن ٿيا.
شروعاتي طور تي ڪيماڙي جي ٽرمينلز ۽ پورٽ قاسم وٽان پيٽرول ۽ ڊيزل جي سپلاءِ روڪي وئي هئي پر قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي حرڪت ۾ اچڻ سبب ملڪ ۾ تيل جي فراهمي يقيني بڻائي.
ٻئي پاسي اسلام آباد ريجن جي ترجمان نعمان بٽ چيو آهي ته اسلام آباد، راولپنڊي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير لاءِ تيل جي سپلاءِ عارضي طور تي رڪجي وئي آهي.
ان هوالي سان وزارتن سان ڳالهيون جاري آهن.
ياد رهي ته آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن طرفان ڪرايا وڌائڻ ۽ آئل پائپ لائن ٽرانسپورٽيشن ڪوٽا ۾ واڌ لاءِ هڙتال ڪئي وئي هئي.