ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ پرستار ڀارت ۾ شيڊيول آءِ سي سي ون ڊي عالمي ڪپ جي آفيشل تراني جي رليز جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا هئا، اڄ سندس اِهو انتظار ته ختم ٿيو پر ترانو ٻڌڻ کانپوءِ هو صفا مايوس ٿي چڪا آهن.
DIL JASHN BOLE! #CWC23
Official Anthem arriving now on platform 2023 📢📢
Board the One Day Xpress and join the greatest cricket Jashn ever! 🚂🥳
Credits:
Music – Pritam
Lyrics – Shloke Lal, Saaveri Verma
Singers – Pritam, Nakash Aziz, Sreerama Chandra, Amit Mishra, Jonita… pic.twitter.com/09AK5B8STG— ICC (@ICC) September 20, 2023
آءِ سي سي طرفان اربع ڏينهن ايندڙ مهيني ڀارت ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو آفيشل ترانو رليز ڪيو ويو آهي.
آءِ سي جي يوٽيوب چئنل تي ورلڊ ڪپ 2023ع جو ترانو ” دل جشن بولي“ جي عنوان سان رليز ڪيو ويو آهي جنهن ۾ بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه پرفارم ڪيو آهي.
ورلڊ ڪپ جو ترانو ون ڊي ايڪسپريس نالي هلندڙ ٽرين ۾ فلمايو ويو آهي، تراني جي موسيقي بالي ووڊ جي مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر پريم چڪرورتي جي ڪمپوزيشن ۾ تيار ڪئي وئي آهي.
ورلڊ ڪپ تراني ۾ ٽورنامينٽ ۾ شامل ٽيمن جي جهنڊن کي ڏيکاريو ويو آهي.
ٻئي پاسي اينٿم ۾ ٻن روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو پڻ ڏيکاريو ويو آهي، ون ڊي ايڪسپريس نالي ٽرين ۾ هڪ پاسي روهت شرما ٻئي پاسي بابر اعظم جو تصويرون لڳل آهن.
تراني لاءِ ٻول شلوڪي لعل ۽ سويري ورما لکيا آهن، جڏهن ته پريتم، ناقش عزيز، سريما چندرا، اميت مشرا، جونيٽا گانڌي، اڪاسا اورچرن پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي.
DIL JASHN BOLE! #CWC23
Official Anthem arriving now on platform 2023 📢📢
Board the One Day Xpress and join the greatest cricket Jashn ever! 🚂🥳
Credits:
Music – Pritam
Lyrics – Shloke Lal, Saaveri Verma
Singers – Pritam, Nakash Aziz, Sreerama Chandra, Amit Mishra, Jonita… pic.twitter.com/09AK5B8STG— ICC (@ICC) September 20, 2023
پر عالمي ڪپ جو ترانو رليز ٿيندي کي تنقيد جي ور چڙهي ويو آهي، سوشل ميڊيا تي ڪرڪيٽ شوقين تنقيد ڪندي مايوسي جو اظهار ڪيو، شوقينن رنوير سنگهه تي ڇتي تنقيد ڪندي ڪئي جڏهن ته ڪنهن کي 2011ع واري عالمي ڪپ جو ترانو ياد اچي ويو.
ٻئي پاسي پاڪستاني مداح عالمي ڪپ جو ترانو ٻڌي مايوس ٿي ويا ۽ کين پاڪستان سپر ليگ جا آفيشل ترانا ڳائيندڙ علي ظفر جي ياد ستائڻ لڳي.
World Cup 2023 theme song release – pic.twitter.com/8Am44SebkK
— Abhishek (@MSDianAbhiii) September 20, 2023
محمد عبدالله نالي ايڪس واهپيدار ته علي ظفر کي عالمي ڪپ جو ترانو ڳائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
Nothing can beat De Ghuma Ke from 2011 ♥️
10/10 song. Masterpiece 🔥🔥
Was this the best World Cup song ever? 👀 #CWC23pic.twitter.com/YsH48K2IG4— Farid Khan (@_FaridKhan) September 20, 2023
هن لکيو ته اسان کي اوهان جي آواز ۾ ورلڊ ڪپ جو ترانو کپي، جنهن تي علي ظفر واهپيدار کي جواب به ڏنو.
علي ظفر چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سندس اسپانسر ڪرائڻ وارا برانڊز ان جا ذميوار آهن، انهن وٽ مارڪيٽنگ جا پيشيواراڻا ماڻهو آهن، جيڪي سندن رهنمائي ڪندا آهن، پر جيڪڏهن منهنجي ملڪ لاءِ منهنجي ضرورت آهي ته مان سدائين حاضر آهيان، پر منهنجا پنهنجا آئيڊياز آهن ۽ منهنجي ڪم ڪرڻ جو پنهنجو طريقو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪارپوريٽ ڪلچر جون پنهنجون خوبيون ۽ خاميون آهن جنهن تي تبصرو نٿو ڪرڻ چاهيان پر مزو نه اچي ته مان حاضر آهيان.
@TheRealPCB and the big brands that sponsor them are responsible for that. They have marketing professionals who guide them.
If I am required for my country, I have always been there. But I have my own ideas and way of doing things.
Corporate culture has its own merits and de… https://t.co/9dnezn1PnP— Ali Zafar (@AliZafarsays) September 20, 2023
ان کانسواءِ هڪ صارف لکيو ته آءِ سي سي کي ورلڊ ڪپ ٿيم سانگ لاءِ علي ظفر جون خدمتون حاصل ڪرڻ گهرجن ها.
ICC would have hired @AliZafarsays for ICC World cup theme song.
No one beat this class! #CWC23 #Themesong pic.twitter.com/FNALc9o6Mu
— Xaib Khan🇵🇰 (@lalwaniking1) September 20, 2023