اڳوڻي قومي اسيمبليءَ پنھنجي آخري ڏينھن ۾ جڏهن وڏي پئماني تي بل پاس ڪري رھي ھئي، ته ان ماحول جو فائدو وٺندي تعليم بابت ڳڻتي ۾ ورتل ڪجھه ميمبرن خانگي شعبي ۾ 26 نين يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن جي قيام جا بل به پاس ڪرائي ورتا.جنھن تي گهڻو شوربھ متو. پر مان سمجهان ٿو ته ان تي خدشن جو اظهار ڪندڙ واقعي سادڙا ماڻھو ھئا.
غور ڪريو ته پاڪستان ۾ گذريل 75 سالن ۾ 120 کان وڌيڪ سرڪاري طور تي تسليم ٿيل يونيورسٽيون قائم ٿيون ۽ ايتري ئي تعداد ۾ اھڙا غير تسليم يونيورسٽيون آھن.جن پاڻ کي ٽيچنگ يونيورسٽين جو نالو ڏئي رکيو آهي، جڏهن ته ڪاليجن جو انگ اڍائي هزار کان مٿي آهي، انھن سڀني گڏجي ڪھڙو اسان جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي آسمان جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو آهي ؟ تعليم جو جيڪو ٻيڙو غرق انهن ڪري رکيو آھي اھو ئي نيون پرائيويٽ يونيورسٽيون ۽ ٻيا تعليمي ادارا به ڪندا، ڇا اسان انهن کي روڪي سگھنداسين ؟ تھ پوءِ اهو شور ڇو ۽ ڪھڙو اعتراض ؟
اڳ ۾ قائم يونيورسٽين ڪھڙا اھڙا ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ اسڪالرز پيدا ڪيا آھن، جن جي علم جي روشني سان ھر طرف پکڙجي وئي آھي ۽ سڌريل دنيا انھن جي آجيان ڪرڻ لاءِ بيچين آھي ؟ اڪثر يونيورسٽين جو حال اھو آھي تھ اھي پاڻ کي معتبر بڻائڻ لاءِ ھر استاد جي نالي اڳيان پي ايڇ ڊي لکن ٿيون.جيڪڏھن هر يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي استادن جو ايترو انگ آھي ته پوءِ اسان خوش قسمت آهيون ۽ قوم کي يقين رکڻ گهرجي ته پاڪستان ريسرچ ۾ پوري دنيا کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. پر ڇا ڪجي جو اڄڪلهه پروفيسر صاحب ايترا تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب لکي رهيا آهن جو انهن وٽ پنهنجون لکڻيون پڙهڻ لاءِ به وقت نه آهي، هاڻي ماڻهو هڪ وقت ۾ هڪ ئي ڪم ڪري سگهي ٿو، يا پڙهي يا لکي سگهي ٿو.
ڇا توهان ٻڌو آهي ته ڪو استاد روز ھڪ مقالو لکي ٿو ؟ جيڪڏهن ٻين ملڪن ۾ استاد سست ۽ ڪاھل آهن ته اهو انهن جو مسئلو آهي، اسان وٽ تھ اھو به ٿي سگهي ٿو. ھڪ نامي گرامي پروفيسر ،جنھن کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو قومي اعزاز پڻ ملي چڪو آھي، ان ٽن سالن جي عرصي ۾ رياضي تي هڪ هزار تحقيقي مقالا لکيا آھن، جيڪڏهن حساب لڳايو ته روزانو هڪ مقالو بڻجي ٿو. اھڙا ٻيا بھ استاد محترم آھن.جن جي سندس چوڻ موجب انهن جون ڏھھ ڏھھ ،ٻارھن ٻارھن تحقيقي مقالا لکيل آهن. ، مختلف مضمونن ۾ درجن جي حساب سان تحقيقي ڪم ڪيا آھن ۽ جيڪي شايع ٿيڻ کان پوءِ صرف سندس گهر تائين محدود رھن ٿا. جيڪي اسان جهڙن گهٽ علم وارن جي هٿن تائين نٿا پهچي سگهن،اھي پنھنجي ذھانت ۽ علمي قابليت جي تشھير جي ذميداري بھ پاڻ پوري ڪندا آھن. 2020ع ۾ اھڙن ئي ڪجھه روشن ستارن شوشو ڇڏيو ھو تھ اسٽين فورڊ يونيورسٽي سڄي دنيا جي 159,683 سائنسدانن مان 81 پاڪستاني سائنسدان جي چونڊ ڪئي آھي.تھ جيئن ٻين کي پنھنجي تجربن مان ٻين کي فيض ڏين.اھي 81 سائنسدان ڪير هئا ؟ ان کان اڳ جو اهو معلوم ٿئي ، اسٽين فورڊ يونيورسٽي پاڻ ئي ان من گھڙت رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو.
اهي پاڪستاني ارسطو ۽ سقراط تمام سٺو ڪن ٿا ته پاڻ نظر بد کان بچائڻ جي پاڻ کي رڳو ڪيمپس تائين محدود رکن ٿا. پنهنجي علمي ڪاميابين جو چرچو بھ درسگاھن جي اندر ئي ڪن ٿا.جيڪڏهن انھن کي گذارش ڪئي وڃي پنھنجو تحقيقي ڪم ٻين پڙهيل لکيل ماڻهن اڳيان به پيش ڪريو وڃي ته انهن جو موڊ خراب ٿي وڃي ٿو، ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ پروفيسر ، ڊين يا وائيس چانسلر ملندو جيڪو مطالعي جي پنھنجي اڃ اجھائڻ جي لاءِ ڪتاب پڙهڻ جو شوق رکندو هوندو ۽ عصر حاضر جي علمي مسئلن تي فڪري بحث ڪري سگھي.نھ تھ انهن مان اڪثر اھڙا ملندا جن گذريل ھڪ ٻن سالن ۾ فڪشن يا ڪنھن ٻئي سنجيدھ موضوع تي ڪو ڪتاب نھ پڙھيو ھوندو. ۽ نھ ئي تازي ڪنھن وڏي منصف جي شايع ٿيل ڪتاب کان واقف ھوندو.پر ان جو مطلب بلڪل اهو ناهي ته سڀني جو حال هڪجهڙو آھي اسان وٽ پڻ نھايت ذھين پروفيسر پڻ آهن، جيڪي واقعي فخر جي قابل آھن.هر جڳهه تي انھن جو ھڪجھڙو احترام ڪيو وڃي ٿو.
يونيورسٽين ۾ اهڙا گھٽ پروفيسرز آهن جيڪي صاف اردو ۾ ليڪچر ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ قاعدن مطابق درست انگريزي ٻولي ۾ ليڪچر ڏين جي صلاحيت رکي سگهن ٿا، سوال اهو آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو صحيح ڳالهائي نه سگهي ته ان ويچاري ۾ لکڻ جي ڪهڙي صلاحيت هوندي؟ ويھن کان ٽيھن اھڙن يونيورسٽي جي ڊپارٽمنٽس م جتي رياضي ۽ فزڪس جهڙا ڏکيا مضمون پڙهايا وڃن ٿا، صرف چند درجن ئي اھڙا پروفيسرز هوندا، جيڪي ”اي ليول“ جي رياضي يا فزڪس جي سوالن جا جواب ڏئي سگهن،اھڙي ريت فلسفي جو مضمون آھي.جنھن ۾ تحقيق جي لاءِ لامحدود فڪري آزاديءَ جي ضرورت ھوندي آهي، ڇا اسان جي يونيورسٽين ۾ شاگردن کي ايتري ذهني آزادي حاصل آهي؟ ڇا پاڪستان ۾ فلسفي جا 9 شعبن ڪنهن ھڪ اھڙي پاڪستاني فلسفي جو نالو ٻڌائي سگھندا، جنهن کي فلسفي جي عالمي برادري تسليم ڪيو هجي؟
ڇا اسان ان تلخ حقيقت کان واقف نه آهيون ته ڪجهه يونيورسٽين ۾ ڊگريون وڪرو بھ ڪيون وڃن ٿيون، پروفيسرز شاگردن کي ڊگرين ڏيڻ کان پئسا بھ گهرن ٿا ۽ جنسي هراس جا واقعا،ان وقت تائين پيش ايندا رھند، جيستائين اسان سماج کي نھ کولينداسين، جيتوڻيڪ ڪجھه شاگرد تنظيمون سخت گير مذهبي آهن، انهن جا ميمبر روزي ۽ نماز جا پابند آهن ۽ مذهب جي توهين ڪندڙ ماڻهن کي جيئرو ساڙڻ لاءِ هر وقت تيار آهن، پر امتحانن ۾ انهن جي وڏي تعداد کي ڪاپي ڪرڻ بلڪل خراب نٿو لڳي.
هن ماحول ۾ اسان ڪهڙي تعليمي ترقيءَ جا خواب ڏسي رهيا آهيون ؟ پاڪستان ۾ ڪو به اهو سوچڻ جي زحمت نٿو ڪري ته اسان جي تعليم جو معيار ڇا آهي ۽ ڪهڙو هئڻ گهرجي، 21هين صديءَ جو ڪو ملڪ، مدي جارج قبائلي قدر، 11هين صديءَ جي عرب معاشري جي تعليمي نظام. اڻويهين صديءَ جي نوآبادياتي انتظامي اسٽرڪچر تي ڀاڙي اڳتي نٿو وڌي سگھجي. اسان جي يونيورسٽين معيشت جا ڪيترا ماهر پيدا ڪيا آھن ؟ اڄ حالت اھا آھي تھ اسان پنھنجا ائرپورٽس آئوٽ سورس ڪري رھيا آھيون.پنھنجي ريلوي کي ھلائڻ جي قابل نھ آھيون. وڏا صنعتي ادارا بوجھه بڻجي ويا آهن، تحقيق ماھر نه ھجڻ ڪري صنعتي ترقي رڪجي وئي آهي. جيڪڏهن ڪجھه ٺاهي ۽ ايڪسپورٽ ڪريون ته ، آخر ڇا برآمد ڪريون ؟
گذريل 75 سالن ۾ اسان ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ايڪسپورٽ ڪيو آهي ؟ اهي بنيادي نوعيت جا اسم آهن، جيڪي ويٽنام ۽ ميانمار جهڙا ملڪ اسان کان بهتر بڻائي رهيا آهن، عقل جا انڌا ،ان ڳالهه کي ڇو تسليم نٿا ڪن تھ ،اسان جي غربت جو اصل سبب تعليم بابت اسان جي سوچ آهي.
اسان جي يونيورسٽين پاران پيدا ڪيل پي ايڇ ڊي جي دنيا ۾ ڪا به قيمت ناهي. ڇا اهو ثبوت اکيون کولڻ لاءِ ڪافي ناهي ته گذريل سال اڪثر اوور سيز پرمٽ ڊرائيورن ۽ تعميراتي ڪم ڪندڙن کي جاري ڪيا ويا، اسان جمود جي ڌٻڻ ان ڪري ڦاٿل آهيون، ڇو ته سياسي قيادت به تعليم جي باري ۾ ڪا به واضح سوچ نٿي رکي.
ڪا به حڪومت اچي، اڄ تائين اھو طئي نھ ٿي سگھيو تھ اسان جون تعلمي ضرورتون ڇا آھن ؟ اسان جي ٻارن کي ڇا پڙهڻو آھي ۽ ڪيئن پڙهڻو آھي. اسان پنهنجي ٻارن کي ”رٽو“ لڳائڻ کان اڳيان نھ وٺي وڃي سگهيا آھيون.
ان عقلمند کي سلام ، جنهن شهباز شريف کي اھو گُر سمجھايو تھ تعليمي ترقي ۽ ليپ ٽاپ جو پڻ ۾ چولي دامن جو ساٿ آھي.اسان ھڪ لک شاگردن بجاءِ ڏھن لک شاگردن کي بھ کي ليپ ٽاپ ڏئي ڇڏيون، تعليم جو اھو ئي حال رھندو.البتھ ليپ ٽاپ وڪڻڻ واري ڪمپني کي ضرور فائدو ٿيندو، آخر تعليمي معيشت سان گڏوگڏ ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن جو ڪاروبار به ڳنڍيل آهي.