نئين چيف جسٽس طور قاضي فائز عيسيٰ جي مقرري ۽ عوام جون اميدون

آزاد اي رحمان سپڙو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 29 چيف جسٽس طور 17 سيپٽمبر 2023 تي حلف کڻي ورتو،  آئين مطابق ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف حسين علوي صاحب چيف جسٽس آف پاڪستان طور کيس حلف کڻايو،  حلف برداريءَ  جي تقريب دؤران قاضي فائز عيسيٰ جي شريڪ حيات سرينا عيسيٰ به ساڻس گڏ تقريب ۾ موجود نظر آئي عجيب اتفاق آهي ته ملڪ جي مؤجوده صدر عارف علوي صاحب پنهنجي ئي صدارتي دور ۾ هڪ وقت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهر واري سرينا عيسيٰ تي غلط اثاثا ٺاهڻ جو ريفرنس سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلرايو هيو،  جنهن ريفرنس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهر واري ان وقت گڏجي ڪورٽ ۾ حاضريون ڪٽي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري سرخرو ٿيا.

ملڪ جي ساڳئي ئي صدر پاران هاڻي  ساڳئي جسٽس قاضي عيسيٰ فائز کي قانون مطابق،  سابقه سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي رٽائر ٿيڻ بعد سينارٽي ۽ ميرٽ جي بنياد تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس طور تي حلف کڻايو آهي،  اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهر واري ان وقت به ساڳئي ڪورٽ ۾ گڏجي پنهنجي ريفرنس جون حاضريون ڪٽيون هيون ته  وري 17 سيپٽمبر تي قاضي فائز عيسيٰ صاحب جن جي چيف جسٽس طور حلف کڻڻ دؤران به ساڻس گهر واري اسٽيج تي گڏ هئي فرق صرف اهو نظر آيو ته پهريان ملزم طور انهيءَ  ڪورٽ ۾ ڪيس سان منهن ڏئي پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ گڏ ايندا هئا ۽ اڄ هڪ منصف طور انهيءَ  ساڳئي ملڪ جي سپريم عدالت ۾ ٻين کي انصاف فراهم ڪرڻ جي اهم ذميواري ملڻ تي پنهنجي شريڪ حيات سان گڏ بيٺل هيا.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صاحب جن چيف جسٽس طور حلف کڻڻ وقت ئي اهم ترين ڪيس پريڪٽس ائنڊ پروسيجر ايڪٽ واري اهم ترين ڪيس جي ٻڌڻيءَ  لاءِ مختلف ٽن پٽيشنرن پاران فل بئنچ مقرر ڪرڻ جي جيڪا اڳ ۾ پهريان ڪي عدالت کي استدعا ڪئي وئي هئي.  ان کي ملڪ جي نئين چيف جسٽس پاران ٻڌڻيءَ  لاءِ جلد منظور ڪندي ساڳئي نوعيت جي پٽيشن هجڻ سبب ٽئي درخواستون هڪ ئي وقت تي ٻڌڻ لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي 18 سيپٽمبر تي مقرر ڪئي.

چيف جسٽس 18 سيپٽمبر تي سومر جي ڏينهن ڪورٽ جي مقرر وقت اندر پهچي پنهنجي سموري عملي سان بهترين ۽ شفيق لهجي ۾ ڳالهايو ۽ سڀني سان انتهائي پيار ۽ محبت سان پيش آيو ۽ عملي پاران به کيس گلن جا تحفا ۽ بي انتها مان ۽ عزت سان آڌرڀاءُ ڪيو ويو.

پهرين ملاقات شرط چيف جسٽس پاران پنهنجي بلند اخلاقي ۽  اعليٰ  ظرفي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ڪورٽ جي عملي کي بهترين هدايتون ڏيندي چيو ته ڪورٽ ۾ ايندڙ سموارا ماڻهو مجبور ۽ ستايل هوندا آهن،  ساڻن انتهائي سهڻو سلوڪ ۽ اهڙو بهترين رويو اختيار ڪيو وڃي ڄڻ ته هي اوهانجا مهمان هجن ۽ اوهين سندن ميزبان هجو.

سچ پچ ته چيف جسٽس جا اهي الفاظ اخلاق جو  اعليٰ  مظهر پيش ڪري رهيا هيا،  اهڙن لفظن سان چيف جسٽس صاحب يقينن ڪيترن ئي ستايل ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون هونديون ۽ هن عمل سان مٿئين ڪورٽ کان هيٺين سطح جي ڪورٽن تائين يقينآ سندس عملي جي رويي کي بهتر ۽ خوشگوار بنائڻ جو مئسيج پڻ پهتو هوندو، جنهن عمل مان محسوس ٿيو ته اڳتي ڪنهن حد تائين اسانجي ڪورٽن جو ماحول به يقينآ ڪنهن قدر خوشگوار بڻبو ۽ بهتريءَ  طرف ويندو.

هڪ خوشيءَ  جي ٻي ڳالهه ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صاحب پنهنجي سمورن ججن ۽ عملي سان مشاورت ڪري جمهوري روايت کي هٿي ڏيندي کانئن ڪيس جي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ لاءِ راءِ ورتي جنهن مان سندس سچائي سان گڏ ساٿي ججن جي راءِ جو احترم ڪرڻ وارو احساس پڻ چٽيءَ  طرح نظر آيو.

تنهن بعد ملڪي تواريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس جي لائيو ڪارروائي ڏيکارڻ وقت چيف جسٽس صاحب ٻڌڻي دير سان شروع ٿيڻ تي معذرت جو اظهار ڪندي ۽ ڪيس دير سان هلڻ جو واضح ۽ معقول سبب ٻڌايو ۽ وڪيلن کي آزاداڻي طور ڪيس بابت پنهنجا دليل ڏيڻ لاءِ چيو ويو.

چيف جسٽس پاران بار بار اهو واضح ڪرڻ ته سالن کان عوام جا 57 هزرا ڪيس ڪورٽن اندر التوا ۾ پيل آهن،  جن کي ڪافي تاخير ٿي چڪي آهي جنهن ڪري انهن ڪيسن کي تمام جلد اڪلائڻ انصاف جي تقاضا آهي،  جنهن مان اهو واضح ٿيو ته چيف جسٽس ڪورٽن اندر پيڙهيل ماڻهن جي درد جو چڱيءَ  ريت احساس رکندڙ ۽ وقت سر عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ جو جذبو رکندڙ هڪ بهترين انسان آهي.

چيف جسٽس پاران جڏهن اهو واضح طور چيو ويو ته آءُ اڪيلي سر پاڻمرادو ڪنهن ڪيس جو نوٽيس وٺڻ بدران ڪاميٽيءَ  سان مشاورت جو قائل آهيان ۽ مونکي اڪيلي سر پنهنجي مرضي موجب فيصلي ڪرڻ جي ڪائي به خواهش ناهي ۽ مونکي اهڙن ڪن به اختيارن جي ضرورت ناهي جنهن سان عدالت بدران صرف آءُ پنهنجو پاڻ کي مضبوط سمجهان.

چيف جسٽس صاحب پنهنجي بابت پڻ اها راءِ ڏني ته مان پاڻ کي به احتساب کان آجو ڪرڻ جو هرگز به خواهشمند ناهيان ۽ نه ئي انهيءَ ڳالهه جي ڪا خواهش رکان ٿو ته سپريم ڪورٽ پاڻ به قانون ۽ عدالت کان آزاد هجي،  جنهن مان سندس قانون ۾ يڪساينت واري منصفانه سوچ جي خبر پوي ٿي.

چيف جسٽس پاران اهو به واضح ڪيو ويو ته مان هن ڪيس کي جلد اڄ ئي اڪلائي ۽ ٻين التوا ۾ پيل ڪيسن تي توجهه ڏيڻ چاهيان ٿو پر هي ڪيس اڄ مڪمل ڪرڻ ممڪن نه لڳي رهيو آهي ۽ اهڙي ريت وڪيلن کي 25 تواريخ تائين هن ڪيس بابت مڪمل مؤقف ڏيڻ جون هدايتون ڪندي 3 آڪٽوبر تي تواريخ رکي ڪورٽ جو وقت بچاڻڻ واري اهميت جو احساس رکي ٿو.

چيف جسٽس جا اهي سونهري الفاظ ۽ خوف خدا جو احساس هجڻ سان گڏ اندر واري ضمير جو آواز هيو جنهن ۾ چيائين ته هن آئين ۽ قانون سان گڏ اسانکي مٿئون واري  اعليٰ  طاقت ڏي به ڏسڻو ۽ هلڻو آهي.چيف جسٽس پنهنجي اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪندي اهو اعتراف ڪيو ته ماضي ۾ به ججن کان ڪي غلطيون ٿيون آهن،  جنهن ۾ مارشل لا کي نطريي ضرورت تحت درست سمجهڻ ۽ ڀٽي صاحب جي ڪيس ۾ ڪوتاهي ٿيڻ جو حوالو پڻ ڏنو.

مٿئين سموري صورتحال مان هينئر ائين لڳي رهيو آهي ته شايد اسانجون عدالتون انصاف مهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ بهتري جي سفر تي هلڻ چاهين ٿيون.هاڻي اڳتي اهو به ڏسڻو آهي ته آرمي سيڪريٽ ايڪٽ تحت جيڪو پارليامينٽ قانون پاس ڪري آئين ۾ ڏنل سول ماڻهن جي ڪيسن کي آرمي ڪورٽن ۾ هلائڻ جو جيڪو آمرانه بل پاس ڪيو،  ان بابت ايندڙ وقت سپريم ڪورٽ ڪهڙو ٿي فيصلو ڪري⸮

اهو پڻ ڏسڻو آهي ته نيب ترميمن ۾ جيڪو وڏن ماڻهن ۽ حڪمران طبقي جي ڦرلٽ کي اربين روپيه معاف ڪري ڇڏڻ ۽ ٻئي طرف ڍڳي ڍور جي چورن کي پڪڙڻ واري پاس ڪيل بل کي مؤجوده چيف جسٽس صاحب ڪيئن ٿو اڪلائي⸮اهو سندس ديانتداري،  جرئتمندي،  بيباڪي ،  ثابت قدمي ۽ برابري وارو انصاف مهيا ڪرڻ لاءِ تمام وڏو امتحان هوندو.جيڪڏهن مؤجوده چيف جسٽس اهي اهم ترين معاملا حل ڪرائي ٿو وڃي ته پوءِ اها پوري اميد ڪري سگهجي ٿي ته ملڪ ۾ ڦر لٽ جي نظام کي ڪجهه ٻنجو ضرور اچي سگهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.