20سيپٽمبر: مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت جو ڏينهن

لالا مسلم سھڙو

اڄوڪو ڏِينهن يعني 20 سيپٽمبر سنڌ جي سياسي ڪارڪنن لاءِ هڪ ئي وقت سَخت ترين، ڏُکيو، مُشڪل، مُصيبت ڀَريو ۽ غمناڪ ڏِينهن پِڻ آهي ته مُقدس پِڻ آهي، جو اَڄوڪي ڏِينهن تي سِنڌ جي بهادر پُٽ مِير مُرتضيٰ ڀُٽو ۽ سَندس ساٿين کي بيڏوهي رَت ۾ وهنجاري شَهيد ڪيو ويو هو. مير مرتضيٰ ڀٽو جو جنم 18 سيپٽمبر 1954ع تي شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي گھر 71 ڪلفٽن ۾ ٿيو ۽ ھُو 20 سيپٽمبر 1996ع تي پنھنجي ئي اباڻي گھر جي ٻاھران ٿورڙي مفاصلي تي رات جي رھزنن ھٿان ماريو ويو. مير مرتضيٰ ڀٽو ھِن ڌرتيءَ تي 42 سال ته گذاريا، پر پنھنجي ماتر ڀوميءَ تي ھُو ايترو مختصر عرصو ئي گذاري سگھيو، جيترو سندس جنم ڏينھن کان شھادت تائين ۽ ڄمڻ جي ھنڌ کان شھيد ٿيڻ واري جاءِ شھادت تائين جو مفاصلو آھي، ڇاڪاڻ ته ھُو جڏھن جوانيءَ جو جوش سنڀالڻ وارو ئي ھو ته کيس پنھنجي ماتر ڀوميءَ تان جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي. 05 جولاءِ 1977ع جي اُھا ڪاري رات ھئي، جنھن رات ”جنرل“ ضياءَ پاڪستان جي پھرئين چونڊيل وزيراعظم کي گرفتار ڪري سَندس حڪومت تي راتاھو ھڻي پاڻ ھِن مُلڪ جو سربراهه بڻجي ويو.

شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي گرفتاريءَ بعد مير مرتضيٰ ڀُٽو فورن جلاوطني اختيار ڪئي ۽ جڏھن ھُو پنھنجي ماتر ڀوميءَ کان جلاوطن ٿي رھيو ھو، تڏھن سندس عمر ھڪ شاگرد واري ھئي، پر ھُن ان عمر ۾ جيڪا اُن وقت جي سامراجي شيطانن سان ويڙھ ڪئي، تنھن جو مثال ملڻ مشڪل آھي. جڏھن پاڪستان جي عدالتن طرفان ذوالفقار علي ڀٽو کي ھڪ ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاهيءَ جي سزا ٻُڌائي وئي، تڏھن مير مرتضيٰ ڀٽو پنھنجي ننڍي ڀاءُ ڪامريڊ شاھنواز ڀٽو سان گڏ پنھنجي مظلوم پيءُ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ۽ جنرل ضياءَ جي غير آئيني حڪومت خلاف اقوامِ متحده سميت سَموري دنيا جي مُلڪن جي سربراھن کي اپيلون ڪندا رھيا، پر جيئن سنڌيءَ ۾ مشھور ڪھاوت آھي ته ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا،“ سو ضياءَ کي به آمريڪا جي سپورٽ ھئي ۽ آمريڪا جيڪو دنيا جو ڏاڍو مڙس آھي، تنھن جي ھوڏ آڏو ڪنھن جي به نه ھلي ۽ جيئن ھنن چاھيو پئي، ائين ئي ٿيندو رھيو!

04 اپريل 1979ع تي شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاهي ڏني وئي. شھيد ڀُٽي جي ڦاهيءَ کانپوءِ مير مرتضيٰ ڀٽو پنھنجي پيءُ ۽ پاڪستان جي مظلوم پورھيت عوام مٿان ظلم ڪندڙ ظالم ڊڪٽيٽر کان حساب ڪتاب وٺڻ لاءِ ”الذوالفقار“ نالي تنظيم جو بنياد وڌو، جنھن جو چيئرمين پاڻ ۽ گوريلا چيف اڳواڻ ڪامريڊ شاھنواز ڀٽو ٿيا. ھِنن ڪيترائي ڀيرا جنرل ضياءَ مٿان حملا ڪرايا، پر ھو بچندو رھيو. سامراجي ۽ فاشسٽ قوتن سان وڙھندي پنھنجي شھيد پيءُ جي شھادت کان بعد 18 جولاءِ 1985ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو کان سندس ڏکن سُکن جو سھارو، سامراجي قوتن خلاف ڪيل گوريلا ويڙھ ۾ ساٿي رھندڙ ننڍو ڀاءُ ڪامريڊ شاھنواز ڀٽو به کسيو ويو. ھُو پنھنجي عظيم پيءُ ۽ بھادر ڀاءُ جي ميتن کي ڪلھو ته نه ڏئي سگھيو، پر ھنن جي جدائيءَ جو گھاءُ سندس سيني ۾ باھ جيان ڀڙڪڻ لڳو.

ھُو پنھنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جي شھادت بعد تيستائين وڙھندو رھيو، جيستائين ھُن پنھنجي خاندان ۽ پاڪستان جي مظلوم عوام جي قاتل سامراجي ايجنٽ جنرل ضياءَ کي منطقي انجام تائين نه پھچايو. اُھو شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جنھن ھِن غليظ ۽ سامراجي نظام خلاف وڙھندي پنھنجي پيءُ کي ڦاھيءَ تي چڙھندي ڏٺو، ۽ پاڻ ڪيترائي سال اُن سامراجي ۽ طبقاتي نظام خلاف پنھنجي ڌرتيءَ کان دور جلاوطني اختيار ڪري پنھنجي جوانيءَ جو ڳچ عرصو ويڙھ ۾ وڙھندي گذاريو. اُن ئي طبقاتي ۽ سامراجي نظام خلاف جنگ ۾ وڙھندي سندس کان ھڪ اعليٰ تعليم يافته ۽ گوريلا جدوجھد ۾ سندس ساٿي رھندڙ ڳڀرو جوان ڀاءُ پڻ کسيو ويو. ھُن ان ڏينھن سُڪون محسوس ڪيو، جڏھن ھُن پنھنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جي قاتل جو جسم ريتيءَ جي ذرڙن ۾ وانگر اڏائي ڇڏيو. ھُن ڪڏھن به پنھنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، ھُو ڪٽر سامراج مخالف ھو، ھُن جي دل ۽ دماغ ۾ ھميشه ھڪ ئي خيال رھندو ھو ته ھِن مُلڪ جو مظلوم ۽ پورھيت عوام جي خوشحاليءَ کي يقيني بڻائجي ته جيئن ھِن مُلڪ ۾ ڪير به بُکيو نه سُمھي. ھُن اصولن خاطر اقتداري قرباني ڏني. جڏھن محترمه بينظير ڀٽو سامراجي ٺاھ ھيٺ اقتدار حاصل ڪيو، تڏھن سندس سان سڀ کان پھريان اختلاف مير مرتضيٰ ڀٽو رکيو. جيڪڏھن مرتضيٰ ڀٽو چاھي ھا ته پنھنجي پيءُ جو سودو ڪري اقتدار وٺي پئي سگھيو، پر ھُن ته پنھنجي ڪارڪن جي قربانيءَ جي به لڄ رکي!

مير مرتضيٰ ڀٽو 1993ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي سيٽ تي اليڪشن وڙھيو، اُن وقت اليڪشن ۾ ھُن جو مقابلو ضياءَ جي ڪارڪنن نه، پر پنھنجي ڀيڻ جي بيھاريل اميدوارن ڪيو، ڇاڪاڻ جو ضياءَ ته مري چُڪو ھو، پر اُن جو ”زَرُ“ موجود رھيو. محترمه بينظير ڀٽو به اُن ئي ”زرُ“ جي گھيري ۾ رھي پنھنجي ڀاءُ جو مقابلو ڪيو، پر اُھو مقابلو ھوءَ ھارائي وئي. ساڳئي ئي سال جڏھن مير صاحب وطن واپس وريو ته ھُن جو استقبال اُن وقت جي بينظير حڪومت گولين سان ڪيو. مير مرتضيٰ ڀٽو پاڪستان اچڻ کان بعد به ضيائي روح رکندڙ حڪومت جي ڪيسن کي منھن ڏيندو رھيو. اڳتي ھلي جڏھن ھُن محترمه بينظير ڀٽو کي ضيائي ”ضيالن“ جي گھيري ۾ محسوس ڪيو ته پاڻ پنھنجي راھ الڳ ڪندي 15 مارچ 1995ع تي ”پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو“ جو بنياد وڌو، جنھن جو چيئرمين پڻ جمھوري طريقي سان پاڻ ئي چونڊيو ويو.

مير مرتضيٰ ڀٽو جڏھن ضيائي ”زرُ“ کان عليحدگي اختيار ڪري پنھنجي والد ۽ شھيد ڀاءُ سميت شھيد ساٿين سان وچن پاڙيو ته ٺيڪ ھڪ سال بعد کيس 20 سيپٽمبر 1996ع تي رات جو ڇھن ساٿين عاشق حسين جتوئي، يار محمد بلوچ، وجاھت جوکيو، سجاد گاکڙو، رحيم بروھي ۽ ستار راڄپر سميت گھر ٻاھران شھيد ڪيو ويو. وطن واپس وريئي ھُن کي ڪو گھڻو وقت نه، پر ٽي سال به اڌورا مس گذريا ھئا جو سندس مير بابا سڏيندڙ ساٿين، ڪارڪنن ۽ ھِن مُلڪ جي پورھيت عوام جي اڃا ھُن مان سڪ ئي نه لٿي ھئي ته سامراجي قوتن کيس ھِن مُلڪ جي مسڪين ماروئڙن جي واھر ڪرڻ ۽ ھارين جي ڳريل ھٿن کي چُمڻ جي سزا ۾ شھيد ڪري ڇڏيو. اڄ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي شھادت کي 27 سال ته گذري چُڪا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.