ھرديپ سنگھه جي قتل تان ھندستان ۽ ڪئناڊا وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز

ڪئناڊا ۽ ھندوستان وچ ۾ سک اڳواڻ ھرديپ سنگهھ جي قتل تان شروع ٿيل ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي.جنھن کانپوءِ دنيا جي ملڪن ۾ ھندستان جي پت وائکي ٿيڻ سان گڏوگڏ اھو معاملو گھڻو اڳتي وڌي ويو آھي.ھرديپ سنگهھ کي ڪئناڊا ۾ جون ۾ قتل ڪيو ويوھو.جتي سک برادري جو انگ پوڻا 8 لک آھي، اھي خالصتان تحريڪ جا حمائتي آھن.ان بابت وقت بوقت اتي خالصتان بابت ريفرنڊم پڻ ٿيندو رھي ٿو.اھي سک اصل ۾ ھندستان کان آيل آھن.

ھن سال جون مھيني ۾ ڪئناڊا ۾ ھرديپ سنگهھ جي قتل بعد ڪئناڊا جي اختيارين جاچ ڪئي تھ انھن کي اھڙي ثبوت مليا آھن،جنھن مان اھا پڪ ٿي رھي آھي تھ ان عمل ۾ھندستان جي ڳجھي ايجنسي ”را“ملوث آھي،جنھن کانپوءِ ڪئناڊا ھندستان جي ھڪ اعليٰ سطح جي سفارتڪار کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آھي.جنھن جي ردعمل ۾ ھندستان پڻ ڪئناڊا جي ھڪ اعليٰ سطح جي عملدار کي ملڪ مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو آھي.

ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جي بيان جي ردعمل ۾ ڀارتي پرڏيهي وزارت اڱاري ڏينهن بيان جاري ڪيو تھ اھي ڪئنادا جي وزيراعظم ۽ سندس پرڏيهي وزير جي بيانن کي رد ڪن ٿا.ھندستان جي وزارت جي بيان موجب”ڪئناڊا ۾ تشدد جي ڪنهن به عمل ۾ هندستاني حڪومت جي ملوث هجڻ جا الزام بي بنياد آهن،“ڪئناڊا جي وزير اعظم پاران اسان جي وزير اعظم تي اهڙا الزام لڳايا ويا ۽ انهن کي رد ڪريون ٿا.

هندستاني پرڏيهي وزارت جو چوڻ ھو تھ  هندستان هڪ جمهوري ملڪ آهي جتي قانون جي حڪمراني آهي ۽ "اهڙا بي بنياد الزام خالصتاني دهشتگردن ۽ انتهاپسندي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آھي.اھي ڪئناڊا ۾ پناهگير ٿي رھن پيا  ۽ مسلسل هندستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ خطرو پيدا ڪري رهيا آهن.”

ھندستان ردعمل طور  ڪئناڊا جي سفارتڪار کي پنجن ڏينهن اندر ڀارت ڇڏڻ جي لاءِ  چئي ڇڏيو آھي، ان کان اڳ سفارتي عملدارن کي وضاحت پيش ڪرڻ لاءِ بھ چيو ويو  آهي.ھوڏانھن  ڪئناڊا  سومر تي ئي ڀارتي سفارتڪار پون ڪمار راءِ کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو آهي.ڪئناڊا جي اختيارين موجب، ڪئناڊا مان بيدخل ڪيل ڀارتي سفارتڪار ڪئناڊا  ۾ ”را“ جو سربراهه هو.

ڪئناڊا ۾ تحقيق ڪندڙن اڳ ۾ هرديپ سنگهه(45 سال ) جي موت کي "ٽارگيٽ ڪلنگ” قرار ڏنو هو.هرديپ سنگهه کي ٻن نقاب پوش هٿياربندن جون جي وچ ڌاري وينڪوور کان 30 ڪلوميٽر پري سري شھر ۾ گرو نانڪ سک گرودواري  ۾ هڪ مصروف ڪار پارڪ ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.مقتول  الهندي صوبي “برٽش ڪولمبيا“ ڪئناڊا ۾ هڪ اهم سک اڳواڻ هو ۽ عوامي طور تي خالصتان رياست لاءِ مهم هلائي ھئي. خالصتان تحريڪ دراصل هندستان جي پنجاب صوبي ۾ سکن جي هڪ آزاد وطن جي تحريڪ آهي. سندس حمايتين جو چوڻ آهي ته کيس ماضيءَ ۾ به ڌمڪيون ڏنيون ويون ھيون.ھنستان سک اڳواڻ کي ھڪ  دهشتگرد قرار ڏنو هو ۽ مٿس شدت پسند عليحدگي پسند گروپ جي اڳواڻي ڪرڻ جو الزام هنيو هو. هرديپ سنگهه جا حامي انهن الزامن کي بي بنياد قرار ڏين ٿا.

ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ھن معاملي بابت  پنهنجي اتحادين، آمريڪا ۽ برطانيه سان به رابطو ڪري  ڪيو آھي،ھن آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ سان به ڳالهايو آهي.ورلڊ سک آرگنائيزيشن سميت ڪئناڊا جي ڪجهه سک گروپن وزيراعظم جي بيان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته جسٽن ٽروڊو ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. جنهن نتيجي تي سک برادري اڳ ۾ ئي پھچي چڪي ھئي.ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جو بيان گذريل هفتي ڀارت ۾ جي 20 سربراهه اجلاس دوران ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان  ملاقات کانپوءِ سامهون آيو آھي.

ان پس منظر ۾ ھي بھ  اھم آھي تھ ڪئناڊا جو وزيراعظم جسٽن ٽروڊو، جي 20  ،جي اجلاس ۾ لاءِ ڀارت پهتو ته ڪجهه ئي دير کانپوءِ خبرون آيون ته ڪئناڊا ڀارت سان واپاري معاهدي تي جاري ڳالهيون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن.سک هندستان جي آبادي جو ٻه سيڪڙو آهن ۽ ڪجهه سک ھڪ الڳ ملڪ ’خالصتان‘ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.ھندستان  الزام هنيو آهي ته جسٽن ٽروڊو حڪومت، سک عليحدگي پسندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.هندستاني حڪومت جو اهو به الزام آهي ته اهي عليحدگي پسند ڪئناڊا، برطانيه ۽ آمريڪا ۾ هندستان مخالف سرگرمين ۾ ملوث آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.