مهانگائي جي باهه ۾ سڙندڙ غريب عوام ۽ امير حڪمران

مومل پنهور

ملڪ کي ٺهي ورهيه ٿي ويا،  اهي ملڪ جيڪي پاڪستان کان پوءِ  آزاد ٿيا ۽ ڪمزور پوزيشن ۾ هئا اڄ اهي ايترو اڳيان نڪري چڪا آهن جو اهي ملڪ، غريب ملڪن جي مدد ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ جو انهن ملڪن جي حڪمرانن جي پنهنجي قوم پنهنجي وطن سان سچائي آهي، پر اسان جو ملڪ حڪمران لاءِ  عياشي جو اڏو آهي جتي هو فرعون بڻجي عوام جي مٿان حڪمراني ڪن ٿا ۽ ڏاڍ ۽ جبر سان ظلم ڪن ٿا، جڏهن سندن پيٽ ڀرجيو وڃي ته هو هتان روانا ٿيو وڃن 1947 کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن ملڪ جي معشيت هميشه لوڏن ۾ رهي آهي .

چوندا آهن ته جنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته انهن کان تعليم جو حق کسي وٺو  پر هاڻ مهانگائي جي طوفان ۾ عوام کي مرڻ لاءِ  ڇڏيو ويو آهي ته جيئن عوام پنهنجو موت پاڻ ئي مري وڃي ۽ ٿئي به ايئن ئي پيو. غريب عوام خودڪشي ڪري رهيو آهي سندن گهرن ۾ اٽو ڪونهي  ته جيئن پنهنجي ٻچن جو پيٽ ڀري سگهن حڪمرانن کي عوام جي تڪليفن سان ڪوبه تعلق ناهي. هو هن ملڪ ۾ پنهنجي سياست چمڪائن ٿا ۽ پوءِ  پئسن جي ڀري ٻڌي ٻاهر ڀڄي وڃن ٿا، بلاول زرداري فرانس جو پاڻي پيئي ٿو سنڌ ۾ عوام پاڻي جي ڦڙي لاءِ  ترسن پيا. نواز شريف علاج لاءِ  لنڊن ويل آهي ۽ پاڪستاني عوام ملڪ جي اسپتالن جي ۾ تڙپي تڙپي مري رهيو آهي،

هن وقت مهانگائي جو اهڙو طوفان آيل آهي جنهن عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي روزمره جي کاڌ خوراڪ جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن کير 230  رپيا ڪلو اٽو 160 رپيا ڪلو تيل 700 رپيا ڪلو ڪا به ڀاڃي 150 200 کان گهٽ ناهي. چانور دال سڀ مهانگي اگهه تي وڪرو ٿين پيا. گوشت مڇي ڪڪڙ جا اگهه به چوٽ چڙهيل آهن. سفيد پوش ماڻهن پريشان آهن ته مزدور طبقي جو ڇا حال هوندو. ڏيهاڙي دار ماڻهن جي هوائي روزي آهي. لڳي به ته وڌ ۾ وڌ 4-5 سو رپيا هاڻ پنج سو ۾ هو اٽو وٺي تيل وٺي کير وٺي ڇا وٺي مٿان وري بيماري جڏهن اٽو نٿو وٺي سگهي ته دوا ڪٿان خريد ڪندو ؟  علاج کان لاچار ماڻهن تڙي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏين،  ايستائين جو هاڻ ڪفن به خريد نٿو ڪري سگهجي.

هتي نه صرف اٽو مهانگو آهي پر زهر به مهانگو آهي. عوام لاءِ  جيئڻ به مهانگو ته مرڻ به مهانگو.  هن وقت نوڪري پيشه ماڻهو، ڪاروباري ماڻهو هر طبقو پريشان آهي.  هر ڪو خودڪشي جي سوچ رکي هلي رهيو آهي. ڪا خبر ناهي ته ڪير ڪٿي همت هارائي وڃي مطلب ته ملڪ تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي نه تعليم نه روزگار نه اسپتالن جي سهولت کاڌ خوراڪ جي ڪري اسان زندا آهي هاڻ اهي سڀ ڳاٽي توڙ مهانگا ٿي ويا آهن ۽ اسان جا حڪمران قسمين قسمين روز طعام کائين ٿا. پيٽرول سندن گاڏي ۾ پاڻي وانگر پئي ٿو، عوام مري پيو ۽ حڪمران جنت جهڙي زندگي گذاري پيو.

هي ملڪ خدا جي هڪ نعمت آهي. هڪ زرعي ملڪ آهي هجڻ ته ائين گهرجي ته عام واهپي جون شيون ايتريون سستون هجن جو مزدور جو ٻار به ٽي ويلا ماني پيٽ ڀري کائي، هندستان ۾ هن وقت اٽو 30 رپيا ڪلو آهي. هن وقت افغاستان به اسان کان اڳيان نڪري ويو آهي پر اسان جي ملڪ کي هٿ وٺي ڪمزور ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ سياسي حڪمران، عسڪري  قيادت ۽ ٻاهر جون قوتون شامل آهن.

هي وقت ملڪ کي بچائڻ جو آهي. حڪمرانن کي گهرجي ته عقل کان ڪم وٺن، عوام جي تڪليفن جو جائزو وٺن ملڪي معيشت تي ضابطو آڻين، عوام وٽ سنهري موقعو آهي ته اهو پهنجي حقن لاءِ  آواز اٿارين ملڪي حالتون سڀني جي اڳيان آهن هاڻ عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته خودڪشي ڪرڻي آهي يا انهن فرعونن جو خاتمو آڻڻو آهي جيڪي هن ملڪ کي کائي رهيا آهن

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.