ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته سندس حڪومت ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ اغوا جي وارداتن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي، اسان قانون جي بالادستي قائم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايم اي جناح روڊ تي سي بريز وٽ امامن جي چاليهي جي جلوس ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، اجلاس ۾ گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز، آءِ جي پوليس راجا رفعت مختار، ايڊيشنل آءِ جي پوليس خادم رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي، نگران وڏي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهن کانسواءِ سمورن يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، باقي بچيل کي پڻ جلد بازياب ڪرايو ويندو، هن چيو ته اسان پوليس کي واضح پيغام ڏنو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي، جسٽس باقر چيو ته اسٽريٽ ڪرائم جو مسئلو حل ڪيو پيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته گهرو وزير ۽ آءِ جي پوليس صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهيا آهن جنهن جا مثبت نتيجا جلد سامهون ايندا، هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وڏي وزير چيو ته سول حڪومت ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته ماڻهو بهتري ڏسندا، ان کان اڳ وڏو وزير نشتر پارڪ وٽ جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ سي پي او ڪراچي پهتو جلوس جي سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو،