بجلي بحران: پهرين آڪٽوبر کان سج لٿي بعد ڪاروبار بند ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (م ڊ) توانائي واري وزارت بجلي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ سموري مُلڪ ۾ دڪان  ۽ ڪاروبار سج لٿي کانپوءِ بند ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي.ذريعن موجب، توانائي واري وزارت طرفان پيِش ڪيل تجويز تي پهرين آڪٽوبر کان پندرنهن فيبروري تائين عملدرآمد جو امڪان آهي ۽ تجويز تي عمل ڪرائڻ لاءِ چيمبرز آف فيڊريشن ۽ واپاري تنظيمن سان صلاح مشورو شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان تجويز تي چئني صوبائي حڪومتن کي عمل ڪرڻ جو چيو ويندو جڏهن ته بجلي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ قانوسازي جو مسودو تياري ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب، اهڙي قدم سان روزانو 1500 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي جي بچت ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.