اسلام آباد (م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) 400 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف ڏيڻ جي پاڪستاني حڪومت جي تجويز رد ڪري ڇڏي. ذريعن موجب واهپيدارن کي بجلي بلن تي ريلف ڏيڻ جي معاملي تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اختيارين وچ ۾ رابطو ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف 400 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف ڏيڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي پر 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کان بل قسطن ۾ وصول ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ذريعن موجب بل قسطن ۾ وصول ڪرڻ جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي، ان قدم سان تقريبن 40 لک بجلي واهپيدارن کي وقتي رليف ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 400 يونٽن تائين رليف جي صورت ۾ 3 ڪروڙ 20 لک واهپييدارن کي فائدو ٿئي ها. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستاني اختيارين ۽ گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ ريڪوري بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو. ذريعن موجب پهرين جولاءِ کان گئس ٽيرف ۾ به 45 کان 50 سيڪڙو تائين واڌ جو مطالبو ڪيو ويو، گئس ٽيرف ۾ واڌ وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط آهي.