آئين تحت عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن: وڪيل ڪنوينشن

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ بار جي اهتمام هيٺ آل پاڪستان وڪيل  ڪنوينشن ۾ چيو ويو ته آئين تحت عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ  گهرجن، ڪو به نگران سيٽ اپ 90 ڏينهن کان وڌيڪ نٿو هلي سگهي. سياسي بنيادن تي گرفتار ٿيل سياسي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. بجلي، تيل ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي تعميري ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ گهرجي،ٻئي پاسي عام چونڊن ۾ ريٽرننگ آفيسرن جي مقرري واري معاملي تي سياسي پارٽين بيوروڪريسي ۽ عدليه جي ريٽرننگ آفيسرن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي. سياسي پارٽين اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته سندن آفيسرن کي ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو وڃي.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اسان جي آفيسرن جو تعداد سڄي ملڪ ۾ مقرري لاءِ ڪافي ناهي اعتزاز احسن چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال کان وڏو مطالبو ڪندي چيو آهي ته توهان فوجي عدالتن جو فيصلو ڏيو ۽ گهر وڃو ۽ آرام ڪريو، توهان کي ڪير به هٿ نه لاهيندو،سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي صدر عابد زبيري چيو  ته اليڪشن ڪميشن عدالتي حڪم ۽ آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جيڪڏهن عدالتون پنهنجي فيصلي تي عمل نه ٿيون ڪري سگهن ته عدالتن کي تالا هڻو،

 وڪيل عام چونڊن جي اوٽ ۾ بار چونڊن جي مهم پيا هلائين !

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان بار ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جون چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿيڻيون آهن، ان ڪري ملڪ ۾ 90  ڏينهن اندر عام چونڊن جي مهم هلائي رهيا آهن، نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ  آهي ته پاڪستان بار 9 سيپٽمبر تي عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي سندن  مطالبو آهي ته 9 ڏينهن اندر ملڪ ۾ عام  چونڊون ڪرايون وڃن، ساڳي مطالبي تي سپريم ڪورٽ بار 14 سيپٽمبر تي عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي، الڳ الڳ ڪنوينشن به ڪوٺايا ويا آهن، وڪيلن جي انهن سرگرمين مان محسوس ٿي رهيو آهي ته اصل ۾ وڪيل عام چونڊن جي اوٽ ۾ بار چونڊن جي مهم هلائي رهيا آهن، ياد رهي ته وڪيلن 90 ڏينهن  ۾ چونڊن ڪرائڻ لاءِ تحريڪ جو اعلان نه ڪيو آهي. صرف عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.