ڊاڪٽر گوهر اعجاز سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات

اسلام آباد(م ڊ) واپار واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز سان آمريڪي سفير ڊونلڊ  بلوم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي واپار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ٻه طرفي واپاري لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ ۽ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات دوران ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو ته حڪومت پاڪستان هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي آهي جنهن جو مقصد مختلف شعبن ۾ مثال طور کاڻين، معدنيات، زراعت، آءِ ٽي ۽ توانائي ۾ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ آهي، ڊاڪٽر گوهر اعجاز سفير معرفت آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني.

 پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خواندگي جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو ويندو

اسلام آباد(م ڊ) گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خواندگي  جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو ويندو، هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ناخوانده ماڻهن کي تعليم جي اهميت کان روشناس ڪرائڻ آهي، هلندڙ سال خواندگي جي عالمي ڏينهن جو موضوع ماڻهن تي سيڙپڪاري، تعليم جي ترجيح منتخب ڪيو ويو آهي، ان ڏينهن کي افغان عورتن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، جن کي تعليم ۽ تربيت جي بنيادي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي، خواندگي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ مختلف سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.