مغوين جي بازيابي لاءِ ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻو ختم، مختلف شهرن ۾ ريليون،مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) ڪنڌ ڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ، بدامني خلاف ڌرڻو  جاري رھيو ڌرڻي ۾ عوام جو وڏو انگ شامل ٿي ويو، انھي موقعي تي عبدالغني بجاراڻي ، مولوي جمالدين اوڳاھي ، شيراز خان ڊومڪي ، رئيس منور علي ڀٽو ،  عزيز سومرو ، سجاد بروھي ، اڪرم باجڪاڻي ، دلمراد ڏاھاڻي ، ظريت بجاراڻي ، فدا محمداڻي ، شاھنواز مرھٽو ، غلام رسول ملڪ ، حسين بخش سومرو ، مولوي خان محمد ملڪ ،  ھندو پنچايت جا اڳواڻ ھندو نوجوان اتحاد جا اڳواڻ به ڌرڻي ۾ اچي ويھي رھيا ڌرڻي دوران پوليس پاران اغوا ٿيل  ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪيلنڊر علي مراد ، مشتاق کي ڪچي جي دراني مھر ٿاڻي جي حد ۾ ميبنا مقابلي ۾ بازياب ڪرائي ٻنھي کي ڌرڻي ۾ پيش ڪيو ويو ڊي سي منور علي مٺياڻي رات دير سان ڌرڻي ۾ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري آچر تائين سمورا مغوي بازياب ڪرائڻ جو واعدو ڪيو جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو،هوڏانهن باهو کوسو ۾ سول سوسائٽي ۽ انٽيليڪيچُوئل فورم جي سڏ تي ڪشمور جي مغوين جي بازيابي لاء تبسم کوسو,منٺار گهنڃو , علي حسن هانڀي ۽ ٻين جي اڳواڻيء ريلي ڪڍي وئي،ڄامشورو ۾ پريا ڪماري، سورج ڪمار سوڌو سمورن مغوين جي بازيابي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ مظاھرو ڪندڙن مٿان پوليس جي ڪيل حملي خلاف ڄامشورو بار ڪائونسل جي صدر آغا ڪوثر، فهيم انڙ، جاويد ڪوهستاني، حيدر انڙ، آصف گل ڀٽي، خدابخش ٿيٻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نصيرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران حفيظ تنيو، علي گوهر جتوئي ،اسد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري آرٿر واھ جي پل تي ڌرڻو هنيو ويو،سنڌڙي ۾ سنڌ ادبي سنگت، نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن، شاگردن، استادن، سول سوسائٽي ۽ واپارين پاران اڪبر ايس منڱريو، ساحل راڄڙ، ڪامريڊ مشتاق، موتي رام، جيرام داس اٻوجھ، ڪامريڊ نياز مري، سليم شر، حسيب ڪانھيون، ڪامريڊ ھرچند، آتم مل، ارشاد جوڻيجو، باغي ممتاز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،جروار ۾ ماتمي جلوس ۾ شريڪ عزادارن پريا ڪماري جي بازبابي لاءِ هٿن ۾ تصوير کڻي احتجاج ڪيو سيد لعل شاھ محمد بخش بوزدار منير منگراھ  خدا بخش ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 2 سال اڳ 10 محرم تي سبيل پياريندي معصوم پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو جنهن جو هن مهل تائين ڪٿي به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.