گلشن اقبال(رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي سچل ڳوٺ جي مين گيٽ وٽ سنڌ مان اغوا ٿيل ماڻھن جي بازيابي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻي مٿان پوليس جي ٿيل لٺبازي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ مظھر راھوجو فرحان لاڙڪ جسقم جو الاھي بخش بڪڪ جماعت اسلامي جي حماد ڀٽو ممتاز اڄڻ ڊاڪٽر سڪندر بلوچ پ پ شھيد ڀٽو جي اعجاز منگي عبدالمنان چانڊيو عوامي جمھوري پارٽي جي لعل محمد چانڊيو سنڌياڻي تحريڪ جي افروز ڪٽپر سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻ سعيدا گوپانگ سنڌ سولنگي اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ اياز حسين سولنگي، يوسف سولنگي، پي ٽي آءِ جي آفتاب گوپانگ، ڪراچي سوشل فورم جي پنھل لاڙڪ، ايس ايس او جي مرڪزي اڳواڻ گلاب راءِ مڪيش ڪمار سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اديبن اداڪارن وڪيلن جنھن ۾ اقبال حسين چنو عرفان عالماڻي نسيم شاھاڻي فرحان سومرو صلاح الدين صديقي صدام سھتو حمزو سيال علي گل ملاح سھراب سومرو ڪائونسلر عبدالقادر ڏيپر ذاڪر ڪانڌڙو منان شيخ وڪيل ڪوثر شر سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻھن طرفان ڪراچي جي سچل گيٽ اڳيان مين روڊ تي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي ڌرڻو ھڻي پنجن ڪلاڪن تائين روڊ بند ڪري ڇڏيو ۽ اغوا ٿيلن جي بازيابي ۽ پوليس جي پر امن ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي ڪيل لٺبازي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو تـ سنڌ جي پر امن ڌرتي کي ھٿ سان وٺي ڪري بدامنيء جي باھ ۾ ڌڪيو ويو ويو آھي سنڌ جا ماڻھو ھاڻي مڪمل طور تي غير محفوظ بڻيل آھن اغوا انڊسٽري تمام گھڻو زور وٺي وئي آھي رياست ڌاڙيلن خلاف ڪا بـ ڪارروائي ڪرڻ کان لاچار بڻجي وئي آھي ھنن چيو تـ سنڌ جا ماڻھو ھاڻي سجاڳ ٿي چڪا آھن حڪمرانن کي ھاڻي سمجھڻ گھرجي تـ جيڪڏھن ھاڻي سنڌ جو عوام محفوظ نـ رھيو تـ پوءِ اھي بـ محفوظ نـ رھندا نـ وري انھن جا محل بنگلا محفوظ رھندا جن ۾ ويھي ھو صرف عياشيون ڪرڻ ۾ پورا آھن مگر سنڌ جي اغوا ٿيل ماڻھن جي بازيابيء لاء انھن کي ڪا بـ پرواھ نـ آھي ھوڏانھن پنجن ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻي سبب وڏي تعداد ۾ گاڏيون بيھجي ويون پوليس ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاء مظاھرين کي منٿون ڪندي رھي جڏھن تـ پنجن ڪلاڪن بعد لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو