پنج هزارن جي نوٽ جي بندش جو نوٽيفڪيشن ڪوڙو آهي:مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (م ڊ)سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سوشل ميڊيا تي 5 هزار رپين جي نوٽن تي پابندي بابت نوٽيفڪيشن کي  جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مرتضيٰ سولنگي آن ايڪس تي جعلي نوٽيفڪيشن شيئر ڪيو آهي جيڪو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ناڻي واري وزارت 5 هزار رپين جا نوٽ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سڌ سماءَ واري وزير لکيو ته 5 هزار رپين جي نوٽ بابت نوٽيفڪيشن ڪوڙو آهي، پاڪستان حڪومت اهڙو ڪوڙو نوٽيفڪيشن پکيڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.