ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ٿي ويو آهي، اسلام آباد ۾ آئيسڪو پوليس جي مدد سان ڪيترن  ئي بجلي چورن کي پڪڙي ورتو، ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس چورن خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ميرپورخاص، نوابشاهه، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون، هڪ ڏينهن ۾ 540 کان وڌيڪ غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا، باقيدارن کان 40 لک 95 هزار رپيا وصول ڪيا ويا، راولپنڊي ۾ سيد پور روڊ، ايئرپورٽ هائوسنگ سوسائٽي، ڍوڪ مٽڪال ۽ ڦير وڌائي ۾ 29 غير قانوني گئس ڪنيڪشنز جو انڪشاف ٿيو، بجلي چوري ۾ اهم شخصيتون به ملوث نڪتيون، 130 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن، لاهور ريجن ۾ بجلي چورن خلاف گرينڊ آپريشن جاري آهي، اهم شخصيتن سميت 330 بجلي چورن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، 130 ايف آءِ آرز داخل ڪري 11 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ترجمان لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ليسڪو موجب قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر مهر سعيد ظفر پڊهار بجلي چوري ۾ ملوث آهي، ان کي 8620 يونٽس جا 2 لک 50 هزار رپيا چارج ڪيا ويا آهن.رانا ايوب، نواز ليگ جو اڳوڻو وائيس چيئرمين الله توکل، پي ٽي آءِ اڳواڻ طارق جاويد به بجلي چوري ۾ ملوث نڪتا، انهن مان لکين رپيا ڏنڊ هنيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.