معيشت کي نقصان پهچائيندڙ ن کي طاقت سان منهن ڏينداسين:ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (م ڊ) ڪور ڪمانڊر معيشت کي نقصان پهچائيندڙ سرگرمين جي مڪمل خاتمي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو آهي.آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي اجلاس ۾ شرڪت  ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته معيشت کي نقصان پهچائيندڙ ڪاررواين جي خاتمي لاءِ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن، سهولتڪارن ۽ حوصلا افزائي ڪندڙن کي رياست مڪمل طاقت سان منهن ڏيندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 259هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال، خاص طور تي سيڪيورٽي جي حوالي سان تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن عزم جو اظهار ڪيو ته رياستي ادارن ۽ عوام وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ لاءِ پروپئگنڊا ڪندڙن کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه حاصل نه ٿيندو. شرڪت ڪندڙن چيو ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي نگراني هيٺ جيڪي ملڪ ۾ معاشي سرگرميون جاري آهن، انهن جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي، اهڙيون سموريون سرگرميون جيڪي معاشي استحڪام ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون، انهن جي خاتمي لاءِ حڪومت جي مڪمل مدد ڪئي ويندي. پڌرائيءَ موجب آرمي چيف آپريشنز دوران پيشيوراڻي مهارت جي معيار کي برقرار رکڻ ۽ فارميشنز جي تربيت دوران بهترين ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ فوجين جو حوصلو برقرار رکڻ ۽ مسلسل ڌيان ڏيڻ تي ڪمانڊرز جي تعريف ڪئي. شرڪت ڪندڙن ملڪ جي خود مختياري ۽ علائقي سلامتي جي دفاع لاءِ عزم جو اظهار ڪيو، ڪانفرنس کي قومي سلامتي کي پيش چئلينجن ۽ وڌندڙ خطرن جي جواب ۾ پنهنجي حڪمت عملي کان به آگاهه ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ حوصلا افزائي ڪندڙن کي رياست ڀرپور طاقت سان منهن ڏيندي. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته دهشتگردن جي سهولتڪارن لاءِ ڪا جاءِ ناهي. ڪانفرنس ۾ پائيدار امن ۽ ترقي لاءِ بلوچستان جي سرحدي ضلعن ۽ خيبرپختونخواهه جي نون ضم ٿيل ضلعن جي ترقي جي ضرورت تي به زور ڏنو ويو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.