5 هزار وارو نوٽ ختم ٿيڻ گهرجي: شبر زيدي

اسلام آباد(م ڊ) اينڪر شاهزيب خانزاده چيو آهي ته سوال اهو اٿي رهيو آهي ته ڊالر جو اگهه ڪيستائين روڪيو ويندو، انفارمل ڪيش معيشت  جي خاتمي کان بغير  مهانگائي گهٽائي نٿي سگهجي،5 هزار جو نوٽ ختم ٿيڻ گهرجي، واپاري سميت هر طبقو 5 هزار جو نوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي،معاشي ماهر شبر زيدي چيو ته 5 هزار جو نوٽ پاڪستان جي ڪيش اڪنامي ۾ آساني پيدا ڪري ٿو، ماڻهن پنهنجي دولت کي 5 هزار جي نوٽ ۽ ڊالر جي صورت ۾ گهرن ۾ لڪائي رکيو آهي، 5 هزار وارو نوٽ ختم ٿيڻ گهرجي، ڊالر جي فزيڪل منتقلي تي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي،بي ڪيٽيگري جي ايڪسچينج ڪمپنين کي بند ڪرڻ گهرجي،دبئي  کانسواءِ ڪٿي به ايڪسچينج ڪمپنيون ناهن،توهان ايڪسچينج ڪمپنين جي صورت ۾ ڊالر کي پاڪستان جي ڪرنسي بڻائي ڇڏيو آهي،هن چيو ته  ماڻهن جي ڪرپشن جي رقم ڊالر ۽ 5 هزار نوٽ جي صورت ۾ رکيل آهي، مفتاح اسماعيل چيو ته 5 هزار جو نوٽ ختم نه ڪرڻ گهرجي، هندستان ۾ مودي اهڙي قسم جو قدم کڻي چڪو آهي، ماڻهن کي پريشاني ٿي هئي، ان جو مانيٽري پاليسي سان تعلق ناهي، هن چيو ته انٽربئنڪ ۾ لاٿ اچڻ تي خوشي ٿي آهي،جيڪي ماڻهو چون ٿا ته اسان سعودي ،يو اي اي مان اربين ڊالر آڻينداسين،اها شئي ايتري آسان ناهي، ايران مان ڊيزل جي اسمگلنگ روڪڻي پوندي،امير گهرن کي ڏني ويندڙ سستي گئس ظلم آهي، اهو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.