ناياب دوائون غائب، ڊريپ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي

اسلام آباد (م ڊ) ڊريپ مارڪيٽ مان غائب ٿيل ناياب دوائن بابت حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، ذريعن موجب خطرناڪ مرضن جون دوائون  مارڪيٽ مان غائب ٿيڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي، ناياب دوائن جا متبادل برانڊز جلد مارڪيٽ ۾ مهيا ڪيا ويندا، ڊريپ ذريعن جو چوڻ آهي ته خطرناڪ مريضن جي لاءِ نيون دوائن جي رجسٽريشن فوري ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان ڪينسر، شوگر جي دوائن جي رجسٽريشن جون درخواستون غور هيٺ آهن، ذريعن موجب دل جي بيمارين جي دوائن ۽ ويڪسين جي رجسٽريشن جي درخواستن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ وفاقي سرڪار دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي امڪان کي رد ڪندي چيو هو ته فارما انڊسٽري 250 کان وڌيڪ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ چاهي ٿي، فوري طور تي دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ممڪن ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.