ڪراچي (رپورٽر) اٽو درآمد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مهيني في ڪلو اٽي جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپين جي لاٿ ايندي. اٽي جي امپورٽرز چيو آهي ته روس کان ڪڻڪ جا 3 جهاز جلد ڪراچي پهچي رهيا آهن، پهريون جهاز ايم وي بيڪس هيل 15 سيپٽمبر تي ڪراچي پهچندو، جهاز ۾ 60 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي. امپورٽرز موجب ٻيو جهاز 23 کان 25 سيپٽمبر تي ڪراچي پهچندو، ٽنهي جهازن ۾ 60-60 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ آهي، جهاز پهچڻ سان سڄي ملڪ ۾ فوري طور ڪڻڪ ۽ اٽي جا اگهه هيٺ ايندا ۽ کوٽ پوري ٿي ويندي. روسي ڪڻڪ ڪراچي پهچڻ سان في ڪلو اٽي جي قيمت 100 رپيا پوندي، اها ڪڻڪ سڄو سال وڏي مقدار ۾ موجود هوندي، هن وقت اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ 125 رپيا ۽ اٽو 160 رپيا في ڪلو آهي.