گهارو(ن ع آ) ڪنڌڪوٽ سانحي،پرياڪماري،ساگرڪمارجي جي اغوا ۽ سنڌ ۾ بدامني،وڌندڙ ڌاڙيل ڪلچر ۽ ڪشمور ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي لاٺي چارج خلاف جسم وائيس چيئرمين نوازشاھ ڀاڏائي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهروڪيوويو،ان موقعي تي نوازشاھ ڀاڏائي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته ماضيءَ جي نام نهادحڪمرانن جن بينظير ڀٽو جي نالي تي 15 سال حڪومت ڪئي انهن صوفين جي امن واري ڌرتي سنڌجي امن کي تباھ ڪري ڌاڙيل ڪلچر ۽ دهشتگردن کي کُليل ڇُوٽ ڏيئي سنڌکي انارڪي ڏانهن ڌڪي ڇڏيوآهي جنهن جا نتيجاسنڌي ڀُوڳي رهيا آهن، هن چيو ته اڄ ٻن سالن کان معصوم نياڻي پريا ڪماري ڪٿي گم آهي پوليس اهو ڪم نٿي ڪري سگهي پر زرداري جي حوارين جو مڪمل تحفظ ڪري ونگار ڪري رهي آهي،هن چيو ته هن وقت سنڌجو شعور جاڳي پيوآهي جيڪو هفتي کان مسلسل روڊن تي مزاحمت ڪري رهيو آهي ۽ اهو شعور سنڌ کي بهتر نتيجا ڏيندو،ان کان اڳ واپاري صدر ڀون داس،جسقم جي ايازشاھ، وقارميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو