لاهور (م ڊ) پنجاب جي نگران حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 ججن کي 36 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي بنا وياج قرضن جي منظوري ئي ڇڏي. نگران صوبائي ڪابينا جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ججن کي بنا وياج قرضن جي منظوري ڏني. ججن کي انهن جي ٽن سالن جي بنيادي پگهار جي برابر رقم قرض ڏني ويندي، هاءِ ڪورٽ جي ججن کي ڏنا ويندڙ قرض 12 سالن جي مدي لاءِ بنا وياج هوندا. تفصيلن موجب هاءِ ڪورٽ جي 11 ججن کي انهن جي 36 بنيادي پگهارن جي برار قرض ڏنو ويندو، انهن ججن جي بنيادي پگهار 9 لک رپيا ماهوار کان وڌيڪ آهي.