ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا ) ميهڙ ۾ 2 ڏينهن اڳ ڌاڙيل ڪلچر ۽ ڪشمور ۾ لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ شهري اتحاد جي سڏ تي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي پاران هنيل ڌرڻي بعد ميهڙ پوليس پاران 50 شهرين تي داخل ڪيل دهشتگردي ائڪٽ تحت ڪيس ۾ ڏيکاريل شهري اڳواڻ نياز علي ٻرڙو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ غلام مصطفيٰ چانڊيو ، جماعت اسلامي جي امير الياس ڪلھوڙو، سني ايڪشن ڪاميٽي جي مولانا منظور چانڊيو، پي ٽي آءِ ميونسپل جي ڪائونسلرن اسماعيل بروھي ، رضوان آڳرو ، فتاح شاھ ، نادر چانڊيو ، ڪامران شاهه، هاشم ٻرڙو ، زبير سمون محبوب کوسو، شير محمد آگرو، گلشير سوڍر ، صابر راڌڻ، اشتياق تنيو، سارنگ، يحييٰ چانڊيو ، ناظم جھتيال ۽ ٻيا نوشهرو فيروز عدالت ۾ پيش ٿيا جتي عدالت پاران ڪيس ۾ لڳل دهشتگردي ايڪٽ وارا قلم ختم ڪري ڪيس ٽرائل ڪورٽ واپس موڪلي ڇڏيو، عدالت فيصلي ۾ لکيو آهي ته پوليس پاران دهشتگردي وارا قلم غلط آهن، پوليس اهڙو ڪو به واقعو نه ڏيکاريو آهي جنهن مان دهشتگردي ثابت ٿئي، ڪيس ۾ ڏيکاريل قلم ضمانت جوڳا آهن. ان ڪري هي ڪيس لاڳاپيل عدالت موڪلجي ٿو.