توشا خانه ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت ۾ 12 سيپٽمبر تائين واڌ

اسلام آباد(م ڊ) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا توشا خانه ڪيس  ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي گهر واري بشريٰ بي بي جي عارضي ضمانت ۾ 12 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، ڪالهه عدالت بشريٰ بي بي خلاف توشا خانه جعلي رسيدن خلاف ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي جنهن دوري بشريٰ بي بي وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي، ٻُڌڻيءَ دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻُڌايو ته ايف آءِ اي کي بشريٰ بي بي جي آڊيو فرانزڪ لاءِ موڪلي آهي ۽ جاچ لاءِ بشريٰ بي بي جي گرفتاري گهربل آهي، فاضل جج طاهر عباس سپرا پُڇاڻو ڪيو ته معاملو رسيدن جو آهي، آڊيو ڪٿان اچي وئي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته بشريٰ بي بي سان آڊيو جو پُڇيو ته اوهان جي آهي يا نه؟ بشريٰ بي بي چيو ته مان اهڙو غلط ڪم نه ڪيو، بشريٰ بي بي چيو ته ليڪ آڊيو منهنجي ناهي، جاچ آفيسر گذارش ڪئي ته بشريٰ بي بي جي وائيس ميچنگ لاءِ وقت ڏنو وڃي.

پرويز الاهيءَ جي ٻيهر گرفتاريءَ تي داخل توهين عدالت جي درخواست خارج

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهيءَ جي آزاديءَ  کان پوءِ ٻيهر گرفتاريءَ تي داخل توهين عدالت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي، ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري آزاديءَ کان پوءِ ٻيهر پرويز الاهيءَ جي گرفتاريءَ جي توهين عدالت جي درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي جنهن ۾ آءِ جي اسلام آباد، ڊي سي، ايس ايس پي آپريشنز، ايس ايڇ او ٿاڻه شاليمار ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو، ٻُڌڻيءَ دوران عدالت پُڇاڻو ڪيو ته پرويز الاهيءَ کي آزاد نه ڪيو ويو؟ ان تي صفائي واري وڪيل ٻُڌايو ته پرويز الاهيءَ کي آزاد ڪرڻ کانپوءِ پوليس لائنز ويجهو گرفتار ڪيو ويو، ان تي عدالت چيو ته پرويز الاهيءَ کي آزاد نه ڪرڻ يا ٻيهر ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ ۾ فرق آهي، ان عدالت جو اهڙو حڪم ناهي ته کيس ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار نٿو ڪري سگهجي جيڪڏهن عدالت جي حڪم باوجود ٿري ايم پي او ۾ آزاد نه ڪيو ويو ته توهين عدالت بڻجندي، عدالت حڪم ڏنو ته ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل ناهي ته آزاد ڪيو وڃي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو ته معاملو ٽرائل ڪورٽ کي ڏسڻو آهي، .

پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پوليو اڃان به ٻارن لاءِ خطرو آهي: پاڪستان پوليو پروگرام

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پوليو پروگرام چيو  آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان اهي واحد ملڪ آهن جتي پوليو اڃان به ٻارن لاءِ خطرو آهي،  پوليو روڪٿام مهم ۾ اڳتي وڌي حصو وٺڻ اسان سڀني جو قومي فرض آهي، پوليو هڪ لاعلاج مرض آهي، پنهنجن ٻارن کي سڄي عمر جي معذوري کان بچائڻ لاءِ پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن، پاڪستان پوليو پروگرام جي سينيئر ميڊيا منيجر ذوالفقار علي باباخيل طرفان جاري بيان مطابق پشاور ۽ ڪراچي مان ورتل 4 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي نهايت ڳڻتي جوڳي آهي، ڪيترائي ڀيرا پوليو جا ڦڙا پيارڻ سان دنيا جا سمورا ملڪ پوليو کان پاڪ ٿي چڪا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.