راڻيپور(رپورٽ: فياض حسين راڄپر ) راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ مبينا زيادتي بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ مُک جوابدار اسد شاھ ۽ سھولتڪار امتياز ميراثي کي دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت 7 ڏينهن جي رمانڊ تي ٻنھي جوابدرن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدارن کي اي ايس پي گمبٽ نعمان ظفر ۽ واقعي جي جاچ آفيسر بچل قاضي سخت سيڪورٽيءَ جي پھري ھيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس جي آءِ او پاران ٻنھي جوابدارن کي 30 ڏينهن جو رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي جنهن تي عدالت سڳوريءَ جوابدارن کي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جنھن بعد جوابدار اسد شاھ جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار اسد شاھ کي سندس والده سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي جنھن تي دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جوابدار جي وڪيل جي استدعا تي اسد شاھ کي سندس والده سان ملاقات جي اجازت ڏيندي اسد شاهه کي امڙ سان عدالت اندر ئي ملاقات ڪرائي وئي.
ثنا گراماڻي ڪيس ۾ سهيل شاهه ۽ رياض مشوري جو جڊيشل رمانڊ
راڻيپور (ن ع آ) راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي مان قمبر واسڻ ثناءَ گراماڻي کي گم ڪرڻ واري ڪيس ۾ ملوث جوابدارن پير سهيل شاھ ۽ رياض مشوري کي پوليس سخت پھري ھيٺ راڻيپور جي سول ڪورٽ جي جج محمد عظيم سولنگي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت سڳوريءَ پوليس ۽ وڪيلن جا دليل ٻڌا جنھن بعد پوليس جي استدعا تي جوبدارن جو جوڊيشل رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو جنھن بعد عدالت سڳوري دليل ٻڌڻ کانپوءِ پنجن ڏينھن جي جوڊيشل ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، فاطمه ڪيس کانپوءِ قمبر واسڻ ناري ثنا گراماڻي جا والدين سامهون آيا هئا ۽ ڌيءُ کي گم ڪرڻ جا الزام هنيا ويا هئا، پوليس ناري جي گمشدگي ڪيس ۾ پير سهيل شاهه ۽ رياض مشوري کي گرفتار ڪيو هو، واضح رهي ته ثنا گراماڻي جو اڃا تائين پتو ناهي پئجي سگهيو، وارثن موجب زال مڙس ۾ جهيڙي کانپوءِ هو ناري کي پيرن وٽ امانت طور ڇڏي آيا هئا، پيرن ٻڌايو ته ناري حويلي مان نڪري وئي آهي.