ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ ايس آءِ يو سي آءِ جي ٽيمن ناظم آباد واري علائقي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪومبنگ آپريشن اسٽريٽ ڪرمنل چوري ۽ قتل جي ڪوشش ۾ ملوث 4 جوابدارن کي هٿيارن ۽ چوري جي موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن ۾ دوست محمد ولد تاج محمد، محمد اسلم ولد جان محمد، محمد اختر ولد محمد سرور، جليل احمد ولد سيد محمد شامل آهن. ايس ايس پي سي آءِ اي جنيد شيخ موجب گرفتار جوابدارن وٽان 30 بور جا 2 پستول 8 رائونڊ ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.
سوشل ميڊيا تي مهم، مهوش حيات وڊيو ۾ پنهنجي موجودگي کان انڪار ڪيو: جاچ آفيسر
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سوشل ميڊيا تي ڪوڙي مهم هلائڻ تي اداڪاره مهوش حيات ۽ رابعه اقبال عرف ڪبريٰ خان طرفان عادل فاروق راجه خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت جي طلب ڪرڻ تي جاچ آفيسر پيش ٿيو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اداڪاره مهوش حيات چهري جي سڃاڻپ لاءِ درخواست ڏني آهي، اداڪاره موجب وڊيو ۾ نظر اچڻ وارو چهرو هن جو نه آهي، مهوش حيات جي درخواست تي وڊيو اسلام آباد موڪلي وئي آهي، ڪراچي ۾ فرانزڪ ٽيسٽ جي سهولت ناهي.
ڪراچي، لياري ۾ ٻارن جي ڳالهه تان وڏن جي فائرنگ، نوجوان قتل
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي لياري ٽائون ڪلاڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ٻارن جي ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو، وڏا وچ ۾ ڪاهي پيا، فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو، ايس ايس پي سٽي ڊسٽرڪٽ عارف عزيز موجب ڪلاڪوٽ ۾ شهنشاهي روڊ اسلام پاڙي ۾ ٻارن جي ڳالھه تان واقعو پيش آيو ٻارن جي جهڙي ۾ وڏا ڪاهي پيا، جهيڙي دوران احسن نالي جوابدار فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 20 سالن جو نوجوان ياسين علي مارجي ويو مقتول جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو .
نگران وڏي وزير مقبول باقر جو سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي جو دورو
ڪراچي (رپورٽر) نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر طرفان سينٽرل پوليس آفيس (سي پي او) ڪراچي جو دورو ڪيو ويو، نگران وڏي وزير سنڌ پهچڻ تي آءِ جي پوليس راجا رفعت مختار سندس آجيان ڪئي ترجمان وزير اعليٰ سنڌ موجب ان موقعي تي نگران وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ گهرو سيڪريٽري اعجاز شاهه پڻ موجود هئا، نگران وڏي وزير سنڌ جو سي پي او ۾ قائم ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪيو ، شهيد حضرت امام امام حسين (ع) جي چاليهي جي موقعي تي ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جي سڪيورٽي جي انچارج وڏي وزير ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو جائزو ورتو.