اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جيستائين پاڪستان ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو نٿو ٿئي، تيستائين ملڪي معيشت جي بهتري ممڪن نه آهي، اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ سڄي ملڪ خاص طور تي سرحدي علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، ڪاروباري برادري جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪاروباري برادري موجوده ملڪي معاشي حالتن جي باوجود ملڪي معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، نگران وزيراعظم سان اسلام آباد ايوان واپار ۽ صنعت جي وفد صدر احسن ظفر بختاوري جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪامرس سيڪريٽري، صنعت واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪاروباري طبقي جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا، انهن مان قابل عمل تجويزن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرايان ٿو، وزارت عظميٰ جي ذميواري سنڀاليندي ئي ڪاروباري برادري سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا، ڪاروباري برادري موجوده ملڪي معاشي حالتن جي باوجود ملڪي معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا يقيني بڻائي رهي آهي، جنهن جي لاءِ ٽيڪس جو نظام ڊيجيٽلائيزڊ ڪيو پيو وڃي، اسمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان گذريل 48 ڪلاڪن دوران ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، جنهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، هن چيو ته بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي، بجلي چوري جي خلاف موثر ڪارروائي ڪئي ويندي، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ سڀني ڌرين سان مشاورت جاري آهي، ڪامرس واري وزارت سڄي ملڪ جي چيمبرز کان باقاعدگي سان تجويزن ۽ مشاورت کي يقيني بڻائي، نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر پوائنٽ آف سيل جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي حوالي سان جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي،