سنڌ اسيمبلي ۾ ڪرپشن، ٽئي ڪامورا اينٽي ڪرپشن ۾ پيش نه ٿيا

ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر )سنڌ اسيمبلي ۾ اڍائي ڪروڙ جي ڪرپشن وارو معامرو، اسپيڪر پنهنجي آفيسرن کي بچائڻ لاءِ ميدان  تي اچي ويو، اينٽي ڪرپشن پاران  طلب ڪيل ٽئي ڪامورا پيش نه ٿيا،اينٽي ڪرپشن ٽيم انتظار ڪندي رهي پر گهربل آفسرن بدران اسپيڪر جو خط اچي مليو، معامري بابت اڄ چيف سيڪريٽري، چئرمين اينٽي ڪرپشن گڏجاڻي ڪندا،ان سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ملازمن کان اڍائي ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ۽ انڪم ٽيڪس جي مد ۾سرڪاري خزاني کي 25 ملين جي نقصان ۾ ملوث ڄاڻايل سنڌ اسيمبلي جي ٽي ايڊمن سيشن جي آفيسرن ايڊيشنل سيڪريٽري محمد حبيب سميجو، ڊپٽي سيڪريٽري طارق مهر ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري منور راهو اينٽي ڪرپشن ۾پيش نه ٿيا آهن جنهن بعد اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر محمد علي بلوچ سنڌ سيڪريٽريٽ موڪل واري فضا باوجود اينٽي ڪرپشن جا عملدار سنڌ اسيمبلي جي آفيسرن جو انتظار ڪندا رهيا ليڪن ڪرپشن ۾ طلب ڪيل آفيسرن بدران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جو خط اچي پهتو، ان حوالي سان عوامي آواز طرفان معلوم ڪرڻ تي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن محمد علي بلوچ جي پرسنل اسٽاف آفيسر عابد سومرو ٻڌايو ته اسيمبلي جي گهربل آفيسرن جي انتظار ۾ ٽيم موجود هئي ان دوران اسپيڪر جو خط مليو خط چيف سيڪريٽري صاحب کي لکيو ويو هو جنهن ۾ لکيل هو ته سنڌ اسيمبلي جي ڪرپشن بابت اينٽي ڪرپشن ۾ اڳ ئي جانچ هلندڙ آهي ان ڪري اوهان ٻئي جانچ نٿا ڪري سگهو، هن چيو ته اسپيڪر جي خط ۾ جنهن جاچ جو ذڪر ٿيل آهي ان جاچ ۾ ڀرتيون شامل آهن جڏهن ته هن جاچ ۾ ڪرپشن جو ذڪر آهي ان ڪري اسپيڪر جو خط جان ڇڏائڻ لاءِڪافي ناهي ان جي باوجود چيف سيڪريٽري صاحب ۽ چئرمين اينٽي ڪرپشن اڄ گڏجاڻي طلب ڪئي آهي جنهن ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.