اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾ مقررين بدلين جا انگ اکر طلب

ڪراچي (رپورٽر)اليڪشن ڪميشن پاران  سنڌ ۾ 15 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين ٿيندڙ مقررين ۽ بدلين جا انگ اکر گهري ورتا،اليڪشن  ميشن جي حڪم تحت نگران سنڌ حڪومت پنهنجن سمورن کاتن جي سربراهن کان هڪ ڏينهن اندر سمورا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن،ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي آف پاڪستان جي طرفان ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ تي پابندي لڳائڻ واري حڪم نامي بعد يعني  15 آگسٽ 2023 کان وٺي 7سيپٽمبر 2023 تائين سنڌ جي سمورن ادارن جي سربراهن کان ٿيل بدلين ۽ مقررين جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن ايس جي اي اينڊ ڪوآرڊرنيشن کاتي پاران سمورن  لاڳاپيل کاتن کي هڪ خط لکي انھن کي مقررين ۽ بدلين جا مخصوص فارميٽ تحت تفصيل گھريا آھن جيڪي اليڪشن ڪميشن جي لڳايل پابندين بعد جاري ڪيا ويا آھن.خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  15 آگسٽ 2023 کان پو۽ ٿيل مقررين ۽ پابندين جا تفصيل هڪ ڏينهن ۾ پنهنجي سربراهه جي دستخط ۽ مهر سان لاڳاپيل کاتي ڏانهن موڪليا وڃن ته جئين انهن جا سبب معلوم ڪيا وڃن ۽ اليڪشن ڪميشن کي آگاھ ڪيو وڃي.اهڙو خط پوليس جي آئي جي ، ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنر، سيڪريٽرين، اٿارٽين جي چيئرمينن  سميت ٻين اعلي آفيسرن ڏانهن پڻ اماڻيو ويو آهي  ، اليڪشن ڪميشن جي اهڙي حڪم نامي بعد سيڪريڙي جي اي محمد علي کوسو چيو ته هن خط جو مطلب آهي ته جن به ادارن طرفان پنهنجي مرضي تحت 25 آگسٽ کان هن وقت تائين بدليون يا مقريون ڪيون آهن اهي غير قانوني آهن اسان انهن تمام ادارن کان ان جي تفصيل گهري آهي ته جيئن اها تفصيل اليڪشن ڪميشن کي ڏيون جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جي اجازت کان سواءِڪنهن به اداري ۾ مقرري يا بدلي ڪئي آهي ته ان خلاف ڪاروائي ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.