جيئن جيئن وقت گذري پيو ، تيئن تيئن منھنجي دل ۾ ماضيءَ جي آمرن جي عزت وڌي رھي آھي. انهن پنهنجي پنھنجي دور ۾ آئين سان جيڪو بھ کلواڙ ڪيو، کلي ڪري ۽ دھل تي ڏونڪو وڄائي ڪيو.
ايوب خان 1956ع جو آئين ويڙھي چڱو ڪيو يا خراب ؟ يحيٰ خان 62ع جو آئين منسوخ ڪري سٺو يا خراب . ضياءُ الحق 73 جي آئين کي منسوخ ڪرڻ بجاءِ معطل ڪري عبوري آئيني حڪم ( پي سي او) جي تحت ڏهن سالن کان وڌيڪ عرصو حڪومت ڪئي،اھو درست عمل ھو يا غلط ؟ ان تي بحث جو دروازو کليل آھي. اهڙي طرح پرويز مشرف به آئين کي جزوي طور معطل ڪري، چيف ايگزيڪيوٽو جو عهدو ايجاد ڪري عبوري آئيني حڪم تحت ڪاروبار هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان بابت ڪا ترديد يا مغذرت خواھي وارو رويو اختيار نه ڪيو.
ايوب خان کي سياستدانن کان نفرت ھئي ،تنھنڪري ھن انھن جي سياست تي ڪئي سالن تائين پنھنجي قانون (ايبڊو) جي تحت پابندي لڳائي رکي.مخالفن کي جيل ۾ وڌو ته بنا جھجھڪ جي چئي ڪري وڌو.يحيٰ خان مارشل لا جي حڪمن ذريعي پسند جي بيوروڪريسي جي ڇانٽي ڪئي سا ڪئي، ضياءُ الحق سياسي جماعتن جي سرگرمين تي پابندي لڳائي ته ان لاءِ به ھڪ باقاعدا مارشل لا جو آرڊر جاري ڪيو.سياسي مخالفن کي ڪوڙا ھڻايا ته سڀني جي سامهون لڳرايا.گرفتار ڪري جيل يا شاهي قلعي ۾ رکيو ته اهو ڪم بھ لڪائڻ بدران پڌرو پٽ ڪيو. ساڳيو رويو ڀٽو صاحب تي ھلندڙ ڪيس جي معاملي ۾ اختيار ڪيو ويو. پرويز مشرف سينو ٺوڪي ججن کي نظربند ڪيو.
توهان شايد سوچي رهيا هجو ته ان ۾ نئين ڳالھھ ڪھڙي آهي. اهي واقعا تھ ٻارن کي معلوم آھن. آخر مان ڇا ٿو چوڻ چاهيان ؟مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته حڪمران کي جيڪو ڪجهه سٺو يا خراب ڪرڻو آهي، ھو کلي ڪري پنهنجي قدمن جي ذميداري قبول ڪندي ڪن تھ اها به هڪ قدر ڪرڻ جھڙي اخلاقي وصف آهي.پر هي عجيب دور اچي ويو آهي جنھن جي باري ۾ توهان اندازا ئي لڳائيندا رھو تھ ،هتي ڪهڙو نظام آهي، جيڪو هلي تھ رهيو آهي پر ان جي اونرشپ کڻڻ جي لاءِ ڪير به تيار ناهي. بظاهر هي پوليس اسٽيٽ به نه آهي پر پوليس رياست جو هر حربو اختيار ٿي رھيو آھي.آئين کي ڪتابي صورت ۾ تھ برقرار رکيو ويو آهي، پر ورق در ورق ان آئين جي روح ۽ عزت نفس کي ڇينھون ڇينھون ڪيو پيو وڃي. يعني آئين جي ڪنهن نه ڪنهن شق کي هر روز سنگسار ڪيو پيو وڃي. عدالتن کي فيصلا ڏيڻ جي ظاھري طور تي مڪمل آزادي آھي پر ٻي ڌر انهن فيصلن تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪرڻ بدران هر آئيني فيصلي کي ڪاغذي جهاز بڻائي هوا ۾ اڏائي رهي آهي.
ادنيٰ کان اعليٰ عدالت تائين شهرين کي قانوني رليف ڏيڻ جي لاءِ جيڪي بھ حڪم جاري ٿي رھيا آھن،انھن کي پوليس ۽ ڊپٽي ڪمشنرن ھٿان بي عزت ڪرايو پيو وڃي.توھين عدالت جي جيتري توھين گذريل ڏيڍ سال ۾ ٿي آھي.مارشل لائن سميت سمورن دورن کي ملائي ايتري توھين ناھي ڏٺي وئي. هاڻي تھ جج صاحب به سوالين کي چوڻ لڳا آھن تھ اسان وٽ رليف لاءِ اچڻ جو ڪهڙو فائدو؟ توهان سڌو سنئون ”هنن“ سان معاملو ڇو نٿا ٺاھي وٺو ؟
اڳي اسين ٻڌاندا ھئاسين تھ قانون جي حڪمراني تي هلندڙ رياست ئي زورآورن ۾ اھو فرق ھوندو آھي تھ جيڪو پسند جو يا ناپسنديدھ خراب يا بھتر فيصلو اچي ٿو. رياست گهٽ ۾ گهٽ دل نھ چاھيندي بھ، دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ان تي رسمي عمل ڪرڻ جو تاثر ضرور ڏيندي آھي.جڏهن ته غير رياستي زوآور يا نان اسٽيٽ ايڪٽر پنھنجي حق ۾ خود ئي قانون ۽ قاضي هوندو آهي ۽ اھو رائج قانون کي جوتي جي نوڪ تي رکي ٿو.انهيءَ ڪري ان کي سڌي رستي تي رکڻ لاءِ جزا ۽ سزا جو ڄار موجود ھوندو آهي.
پر اڄ رياست پنهنجي عام ۽ خاص شهرين سان جنھن طريقي سان پيش اچي رھي آھي. ان کي ڏسندي اھا تميز ڏکي ٿيندي پئي وڃي تھ رياستي عملدار ۽ غير رياستي ايڪٽر کي ڪئين جدا ڪري فرق ڪيو وڃي.
عدالتي منع ڪرڻ ماڻهو کلم کليا کنڀيا پيا وڃن. روشنيءَ ۾ سڀني جي سامهون غائب ٿي رھيا آھن،جيڪي هٿيار ڦٽا ڪن ٿا انھن کي ست خون معاف ٿي وڃن ٿا. جيڪو ضد ڪري ٿو، ان کي ويهن ڪيسن جي رسي سان تيستائين ٻڌو ٿو وڃي، جيستائين هو هٿ مٿي ڪري سٺي ٻار ٿيڻ جو اعلان نه ڪري .
پر جيڪي ھي سڀ ڪري رهيا آهن، انهن ۾ ماضيءَ جي آمرن جي ابتڙ ايتري به اخلاقي جرئت پڻ نه آهي تھ اھي سامھون اچي ڪري چون ته ها، اسان انهن قدمن کي درست سمجهون ٿا ۽ تيستائين ڪندا رهنداسين، جيستائين گهربل مقصد حاصل نٿا ٿي وڃن.
هن وقت صورتحال اها آهي ته آئين ته آهي پر عملي طور تي ان جو گهڻو حصو اڻ اعلانيھ طور تي معطل آهي. حڪومت آهي، پر اها چاٻيءَ جي رانديڪي جيان هلي رهي آهي، عدليه فعال آهي، پر ان جي فيصلن سان سواءِ ردي جي اضافي جي ڪجھھ نھ ٿي رھيو آهي.
پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي ته سموري سياسي ڪلاس کي پنھنجي ئي هٿان ڊي ڪلاس ڪيو ويو آھي ۽ ايتري بي عزتي ٿي وئي آهي، جو عام ماڻهوءَ جي آڏو اھو طبقو پنهنجو دفاع به نٿو ڪري سگهي.
ٿي سگهي ٿو ته جن ماڻهن جي هٿ ۾ هن وقت رياست جي ڏور آھي انھن کي سياست جي بنجر زمين ڏسي لڳندو ھجي تھ ”گليان هو جان سجيان، تي ويچ مرزا يار ڦري“.( سمورو پٽ ويران ھجي تھ يار پيو ھتي ڦيرا ڏئي)
پر اهي بي خبر آهن ان گھڙي کان جڏهن انھن جي هٿن مان سڀ ڪجهھ نڪرڻ لڳندو تھ ذميداري جي اوجھري پنھنجي ڳچي مان لاھي پنهنجي ڪنھن ٻئي جي ڳچي ۾ وجھڻ جي لاءِ ڪا ڳچي نھ ملندي.
ڪنهن به سماج لاءِ آخري الميو اهو هوندو آهي ته ان جي نظر ۾ سڄو سياسي طبقو ڊي ڪلاس ٿي بدنام ٿي وڃي يا ڪيو وڃي. اهڙي سماج جي اڪيلائي جو حال بيان نھ ڪري سگھڻ جھڙو آهي.
ھن زمين کي جنهن محنت سان اصولي سياست جي لاءِ بنجر بڻايو پيو وڃي، ان کان پوءِ ٻيو مرحلو ھي آهي ته اتي جھنگ ڦٽڻ لڳندو ۽ پوءِ انھي جھنگ ۾ قسيمن قسمين زھريلا نانگ ۽ خطرناڪ اچي رھڻ لڳند ۽ اھي مڪمل طور تي جبلت جي قانون تحت هن زمين تي حڪمراني ڪندا. طوائف الملوڪي جي منطقي پڄاڻي اھا ئي آھي.
جيڪڏھن توھان اھو ئي ڏسڻ چاھيو ٿا تھ پوءِ سٺي خبر ھي آھي ته توھان تقريبا ان جي ويجھو پھچي چڪا آھيو.