دنيا تي ماحولياتي بگاڙ جا اثر ظاھر ٿي رھيا آھن.عالمي مالياتي فنڊ چيو آھي تھ ماحولياتي تبديلي جي نتيجي ۾ سموري دنيا ۾ ڪمزور ملڪن ۾ تڪرار وڌيڪ وڌندا جنھن سان ماڻھو پنھنجي حياتي پڻ وڃائيندا ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين خطرن ۾ پڻ اضافو ٿيندو. اھا ڳالھھ عالمي اداري ھڪ رپورٽ ۾ پڌري ڪئي آھي.رپورٽ جو اھم نڪتو ھي آھي تھ موسمياتي تبديلي سان گڏ بدامني کي بھ پيدا ڪري سگھي ٿو.اڳي ئي بک ۽ بدحالي ۾ ورتل دنيا ۾ ماڻھو بک جي شدت سبب لڏپلاڻ ڪندا. ان سان گڏ ٻيا لاڳاپيل مسئلا پڻ پيدا ٿيندا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2060 تائين تڪرار ۾ ورتل ۽ ڪمزور رياستن ۾ ڇڪتاڻ سبب ٿيندڙ موت ۾ 8.5 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو جڏھن تھ جن ملڪن ۾ گرمي جو درجو وڌيڪ ھوندو انهن ملڪن ۾ فوتين جو انگ 14 سيڪڙو وڌي سگهي ٿو.
ورلڊ بئنڪ جي ڪيل درجه بندي مطابق 39 ملڪن ۾ اٽڪل هڪ ارب ماڻهو رهن ٿا ۽ دنيا جي 43 سيڪڙو آبادي مٿي ذڪر ڪيل ملڪن واري ماحول ۾ رھي ٿي ۽ ان کي منھن ڏئي رھي آھي.انهن ملڪن ۾ اڌ کان وڌيڪ آفريقي ملڪ آهن، جيڪي موسمياتي تبديليءَ جي غير مناسب بار جو شڪار آهن.
آءِ ايم ايف خبردار ڪيو آهي ته انهن ملڪن ۾ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو 2060 تائين بک سبب مري سگهن ٿا،ان جي سببن ۾ خوراڪ جي گھٽ پيداوار ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ ٿيندڙ واڌ ٿي سگھي ٿي.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ موسمياتي تبديلي سبب معاشي نقصان جو اثر وڌيڪ ڪمزور ملڪن ۾ گھڻو ٿيندو.
آءِ ايم ايف هڪ الڳ بيان ۾ چيو آهي ته اهو ضروري آهي ته ايندڙ هفتي ڪينيا ۾ پهرين آفريقي ماحوليات گڏجاڻي ۾ گڏ ٿيندڙ اڳواڻ ڪمزور ملڪن کي درپيش مسئلن جو حل ڳولين ۽ ان کي نظر انداز ڪرڻ جو مطلب سنگين نتيجن کي دعوت ڏيڻ برابر آھي.
آءِ ايم ايف پنهنجي بلاگ ۾ اھو بھ لکيو آھي تھ هر سال ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور رياستن ۾ قدرتي آفتن جا ماڻھو ٽيڻ تي متاثر ٿين ٿا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ سال 2040 تائين ڪمزور ملڪن ۾ ھر سال گھٽ ۾ گھٽ سراسري طور 61 ڏينهن اھڙا اچڻا آھن، جنھن دوران 35 درجا سينٽي گريڊ کان مٿي جي گرمي سھڻي پوندي.عالمي اداري وڌيڪ چيو آھي ته وڌندڙ گرمي ۽ موسمي تبديلين جا اثر انساني صحت لاءِ وڌيڪ خطرو بڻجندا ۽ پيداواري صلاحيت کي نقصان پهچائيندا، جنھن ۾ اهم زراعت ،تعميرات ۽ نوڪريون آھم شعبا آھن.