سنڌ جي روحاني رهبر لطيف سرڪارهن فاني جهان مان جسماني طور تي موڪلاڻي ڪري ويو شاهه صاحب جي عمر 63 سال ٿي سندس عرس جون تقريبون سندس آخري آرام گاهه ڀٽ شاهه ۾ غير سرڪاري اعلانيل طور شروع آهن جتي هرسال جيان هن سال به پوري دنيان ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لطيف سائين جي حق ۽ سچ جي ڏسيل واٽ جا پانڌيئڙا هزارن جي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن۽ لطيف سرڪار سان محبت ڪندڙن جو وڏو انگ سندس درگاهه تي پهچي ويو آهي. ۽ هن سال به هرسال جيان سڀ کان وڏو ۽ اهم مسئلو ايندڙ پانڌيئڙن کي درپيش آهي اهو پيئڻ جي پاڻي ۽ صفائي جو آهي ۽ ها هن سال به پوليس پنهنجي پراڻين روايتن کي ورجهائيندي مرشد لطيف جي ايندڙ پانڌيئڙن کي چورن ۽ ڦورن جيان ڦريندي ڏسڻ ۾ ملي پر پوءِ به مرشد جي محبت ۽ پيار جي ڏنل سڏ تي هر سال جيان هن سال به هزارين پانڌيئڙا اچڻ کان ناهن مڙيا ۽ هزارن جي تعداد ۾ ڀٽ شاهه پهتل آهن جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هرسال جيان هن سال به عرس تي حاضري ڀرڻ جي لاءِ پراڻي روايت موجب ٽن ڏينهن جي لاءِ پنهنجن گهرڀاتين کان موڪلائي پهتل آهن جيڪي لطيف سرڪار جي آخري آرام گاهه ڀٽ شاهه تي دوستن يارن وٽ ڪي رهن ٿا ڪي وري ڀٽ ڌڻي جي درگاهه جي آس پاس ٺهيل پارڪن ۾ پنهنجا خيما کوڙي ويهن ٿا .
جيتوڻيڪ باطن ۾ هڪ صوفي عارف هو ته به ظاهري طرح ماڻهن جي صحيح هدايت لاءِشريعت جا سڀ حق پوريءَ ريت بجا آڻيندو هو. باطن ۾ توڙي ظاهر ۾ هڪ ڪامل هادي ۽ رهبرهو .
هڪ طرف شاهه صاحب مذهبي انتها پسندي جي خلاف هو ته ٻئي طرف وطن جي محبت ۽ اڪير سندس شاعري ۾ واضح نظر اچي ٿي هن قسم جا شاعر، ملڪ ۽ قوم سان محبت رکڻ ڪري ماڻهن جي سياسي اخلاقي اقتصادي حالتن جو غور سان مطالبو ڪرڻ بعد ، قوم جي ڪمزورين خامين ،مشڪلاتن ۽ خوبين کان بخوبي واقفيت حاصل ڪرڻ بعد انهن جي ڪارڻن ۽ اسبابن تي فڪر ٿا ڪن قوم جو ماضي ،حال ۽ مستقبل سندن اڳيان رهي ٿو پوءِ هو قوم لاءِ ڪو نصب العين مقرر ڪن ٿا ۽ انهيءَ تي پهچڻ لاءِ جي خيال ۽ تجويزون سندن دماغ ۾ ويهن ٿيون ،تن سڀني ڳالهين کي ،هو پنهنجي ڪلام ۾ قوم اڳيان پيغام جي صورت ۾ پيش ڪن ٿا مٿي ذڪر ڪيل شاعري جي قسمن جي نقطئه نگاهه کان جيڪڏهن شاهه صاحب جي ڪلام تي نظر ڪبي ته هن ۾ پوين ٻن قسمن جي شاعرن جون خاصيتون خاص طرح ڏسڻ ۾ اينديون جنهن صورت ۾ شاهه صاحب اخلاقي توڙي قومي شاعرجي حيثيت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ انهيءَ صورت ۾ ٻنهي پهلوئن مان هر هڪ تي جدا ڪتاب لکي سگهجي ٿو منهنجو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو قومي شاعر آهي سندس اڳيان سنڌ ملڪ جو خاص تخيل هو جنهن جي ڪري کيس سنڌي قوم جوبه خاص تخيل هو ڇوته جنهن ملڪ ۽ قوم جو تخيل هو انهيءَ ملڪ جو گهڻو ڀاڱو هن پيرين پنڌ ڪري گهمي ڏٺو اتي جي ماڻهن سان گڏ گذاريائين سندن عادتن ۽ اخلاقن کان واقف ٿيو سندن جهونا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائين، سندن رسمن ۽ رواجن جو غور سان مطالعو ڪيائين سندن سياسي ، معاشرتي اخلاقي ، اقتصادي حالتن کي نظر مان ڪڍيائين انهن جي ڏکن ۽ سورن کي محسوس ڪيائين سندن خوبين کي جا چيائين سندن ماضي ۽ مستقبل تي غور ڪيا ئين انهن جي ڪمزورين ۽ خامين جي معلومات حاصل ڪيائين مطلب ته انهيءَ زماني جي سنڌ جي حالتن جو کيس پورو مطالعو ٿي ويو هو ايتري ساري معلومات بعد هن پنهنجي شعر ۾ جيڪي چيو آهي انهيءَ تي جيڪڏهن قومي نقطئه نگاهه سان غور ڪبو ته شاهه جي شاعري ۾ وطن جي حب سڀ کان مٿائي نظر اچي ٿي توڙي شاهه صاحب جي ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ ڪلهوڙن جهڙن ڪٽر مذهبي خيالن جي حاڪمن جي حڪومت هئي ۽ اورنگزيبي سياست اثر ڪيو ۽ نه گهڻي قدراڪبري سياست جو اثرٿيو ،بلڪ هن تي قديم سنڌي سياست جو اثر پيو هن وطن جي حب کي عين اسلام جي احڪام پٽاندر ايمان جو جزو سمجهي سنڌ سان محبت ڪئي سندس سڄو ڪلام وطن جي محبت، آزادي ، ترقي ۽ اقتدار جي جذبات سان ڀريو پيو آهي هيٺ چوي ٿو ته
سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
ٻئي هنڌ چيو اٿس ته
واجهائي وطن کي ،ساري ڏيان ساهه
بت منهنجوبند ۾،قيدم ڪريجاهه
پرڏيهياڻي پرينءَ ريءَ،ڌارم ڌريجاهه
ٿڌي وَسائجانءِ ٿرن جي، مٽي مئيءَ مٿاهه،
پويون ٿئي پسانءِ ته نجاءِ مڙهه مليرڏي
شاهه صاحب جي ڪلام مان ٻي جا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي سا ” سنڌ ديس“ جي رهاڪن جي اڪير ۽ محبت آهي هن وٽ هندن ۽ مسلمانن جي تميز وطن ۽ قوم جي لحاظ کان ڪابه ڪانه آهي جي سندس ڪلام تي نظر وجهندوء ته
جيها جي تيها مون مارون مڃيا
مون جيڏيو ملير ۾ ٿيون چونڊن موڪ ميها
منهنجي آهه اها ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي
شاهه صاحب سنڌ جي سهسين سينگارن ،پلرجي پالوٽن ،پٽن جي پاهن،کٿوري خوشبوءِ مدائتن مينهن جو ته شائق ٿو ڏسجي ۽ سنڌ ۾ سڪارلاءِ خاص دعائون ٿو گهري ڏڪارين ۽ موذين جي ڏيهه مان پاڙ پٽڻ جي پٺيان آهي .جڏهن جڳ ۾ مانڊاڻن جي وار ،اترپار ڏي ڪڪر ڪارونڀار ۽ مندائتن مينهن جي وسڻ جا ويس ڏسي ٿو ته هڪ انقلابي وانگر خوش ٿئي ٿو .کيس خبرآهي ته مهانگو ميڙڻ ۽ پنجن مان پنڌ رهن ڪرڻ وارا ( چورباز) جلد ختم ٿيڻ وارا آهن ۽ سگهوئي هاري هر جو مٺيوهٿ ۾ ڪري ،ملڪ جي سياسي جمود واري زمين کي کيڙي ان ۾ آزاديءَ جو ٻج پوکڻ وارا آهن جلد ئي سک جي ساوڪ ٿيندي ڏولائي جا ڏينهڙا ويندا سنگهار سکيا ۽ ستابا ٿيندا.
شاهه سائين مارئي جي روپ ۾ پنهنجي ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو آهي ۽ هڪ هنڌ ته اهو به چئي ويٺو آهي ته اڃان ان مالڪ هن دنيا کي خلڪيوئي نه هو ان وقت مون پنهنجن ماروئڙن ان پيرين اگهاڙن فقير صفت ماڻهن سان محبت جو اظهار ڪري ڇڏيو هو جن جي دل ۾ ڪنهن جي لاءِ نفرت ٻيائي ناهي هوندي جيئن هيٺ فرمائي ٿو ته
الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
قالو بليٰ قلب سين تڏهن تت چيوم
تنهين وير ڪيوم وچن ويڙهيچن سين
شاهه سائين جي سموري شاعري ۾ سنڌ جي خوشحالي جو سبق سمايل آهي هن انهن مسڪين ماڻهن جو پنهنجي شاعري ۾ تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي جيڪي ڪجهه پيسن عيوض ته ڇا پر محل ماڙين بادشاهين تي به وڪجندا ناهن جن جي لاءِ چوي ٿو ته
پٽ نه پهريا سومرا،جان ڪي تان جيان
آءُ ڪيئن لوئي لاهيان ،ڪارڻ ٻن ڏينهان
جيسين ٿي جيان ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو
شاهه سائين پنهنجن انهن مسڪين ماڻهن ۾ انسانيت سان گڏ ماڻهوءَ وارو ماڻهپو ڏسڻ سان گڏ انهن ۾ اها خوبي به ڏٺي هئي ته هو اهو اٻاجهڙو شاهه سائين جي زباني مارون ماڻهو ڏکن سان مقابلا ڪرڻ جو عادي ٿي ويو آهي جنهن ڪري منجهن برداشت ۽ قربانيءَ جو عظيم الشان مادو موجود هو راءِ ڏياج جو سخا ۾ سر ڏيڻ سسئيءَ جا پنهونءَ خاطر جهنگ ۽ جبل جهاڳڻ مومل جو راڻي لاءِ راتيون وهائي ڏينهن ڪرڻ ليلان جو چنيسرلاءِ ليلائڻ ،سهڻيءَ جو ميهارلاءِ ڪاريءَ رات ڪنن ۾ گهڙڻ ،وڻجاري جي ونيءَ جو ورلاءِ جر تڙ ڏيا ٻارڻ ۽ وڻ ٽڻ وائنٽيون ٻڌڻ اهي سڀ سنڌين جي صداقت ۽ قربانيءَ جا مثال سندس اکين اڳيان هئا تنهن ڪري ساري رسالي ۾ اڪثر اهڙي قسم جي واقعن کي پسند ڪري انهن جو ذڪر ڪيو اٿس سر گهرڻ سر ڏين جي ڳالهه راءِ ڏياج جي آکاڻي ۾ خاص ڪري ويو آهي ۽ اسان سنڌ جا ماڻهو ان حوالي سان خوش قسمت آهيون جو اسان وٽ لطيف سائين جهڙو عظيم شاعر هن ڌرتي تي پيدا ٿيو جنهن پنهنجو رسالو ڏئي سموري عمر جي لاءِ سنڌي ٻولي کي بچائي ويو آهي پر ان جواهو مقصد نه ورتو وڃي ته لطيف سائين اسان کي پنهنجو رسالو ڏئي ويو آهي ان جي ڪري اسان جي ٻولي جا وري ڌرتي کي ڪجهه نه ٿيندو جيڪڏهن اسان ان لطيف جي ٻڌايل پيغام کي پنهنجن نوجوانن تائين نه پهچائينداسين ته هوريا ن هوريان اسان کان پنهنجي روحاني رهبر جي شاعري وسري ويندي ۽ ان جي ڏسيل پيغام موجب جيڪڏهن پنهنجي مارون ۽ مسڪين ماڻهن جي خوشحالي جي لاءِ ائين لوچيندا رهنداسين جيئن اسان کي لطيف سائين ڏسي ويو آهي ته پوءِ اسان پنهنجي ڌرتي کي خوشحال به ڪري وينداسين ۽ اڄ وڌندڙ انتها پسندي کي به منهن ڏئي وينداسين ان جي لاءِ سنڌ جي هر پڙهيل لکيل فرد کي پنهنجي ڌرتي جو ۽ روحاني لطيف جو قسم کڻي عملي جدوجهد ڪرڻ جي لاءِ ميدان ۾ نڪري اچڻو پوندو ۽ سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي واهڻ وستين ڳوٺن شهرن ۾جتي برسات ۽ ٻوڏ جا متاثر ويٺل آهن انهن وٽ جشن لطيف ملهائڻا پوندا جيئن پنهنجي نوجوان نسل کي اها ڳالهه ٻڌائي سگهون ته اسان کي سنڌ جي خوشحالي جي لاءِ جيڪو لطيف سائين پيغام ڏسي ويو آهي اچو ته ان تي هلڻ جو وچن ڪرڻ سان گڏ پنهنجي پنهنجي حصي جو صحي ڪم ڪيون ۽ پنهنجي نوجوان نسل کي ڀٽ ڌڻي جو ڏسيل انسانيت سان پيار ڪرڻ وارو فڪر ڏسيون ۽ پڙهايون جئين هو معاشري ۾ سٺا شهري ثابت ٿيڻ سان گڏ هر پاڙي ،ڳوٺ ،واهڻ ،وستي ، ۾ محبت جو درس ڏيڻ وارو عمل جيڪو لطيف سائين جي فڪر ۾ سمايل آهي پهچائيندا رهن ۽ اهو ڪم صرف سنڌ جو نوجوان ڪري سگهي ٿو جنهن کي لطيف سرڪارجي رسالي کي پڙهي رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي ڇو ته سنڌ جي خوشحالي لطيف جي شاعري ۾ ڏسيل آهي.