ثقافتي ريلين ۽ جشنن کي ڀلا ڪيئن روڪبو ۽ ڇو روڪجي؟

گذريل آچر تي ملهايل سالياني ثقافت جي ڏينهن تي هڪ افسوس ناڪ واقعو ڪراچي ۾ ٿيو جڏهن پوليس شاهراهه فيصل تي ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ لاءِ نڪتل ريلين کي روڪڻ لاءِ پوليس ٽينڪر بيهاري، رستا روڪ ڪئي ۽ پرامن ريلي تي لٺبازي ڪئي وئي، شيلنگ ڪئي وئي ۽ 50 کان  مٿي گرفتاريون ڪيون ويون. جنهن نتيجي ۾ نوجوانن ردعمل ڏيکاريو. پوليس جي ان غير ضروري ڪارروائي سبب جيڪو ڪجهه پوءِ ٿيو اسان ان جو ذميوار خود انتظاميا ۽ پوليس کي قرار ڏيون ٿا. جيڪڏهن پرامن ريلين جي رستا روڪ نه ڪجي ها ته ردعمل ۾ نه نوجوان پٿراءُ ڪن ها نه ئي گاڏين جا شيشا ٽٽن ها ۽ نه ئي ٽريفڪ جام ٿئي ها ۽ عوام کي تڪليف رسي ها.

جڏهن شهر جي سيني تي شاهراهِ فيصل تي ثقافت جو رنگ ڀرڻ لاءِ ريليون نڪتيون، شاهراه فيصل تي ٿيل رستا روڪ، پوليس جي شيلنگ، لاتعلقي ۽ پوءِ گرفتارين نه رڳو شرڪت ڪندڙن کي زخمي ڪيو، پر شهر جي ضمير کي به ڇيهو رسايو.

ثقافتي ريليون ڪنهن سياسي پارٽي جي نه، پر ڪنهن قوم، ڪنهن شهر ۽ ڪنهن وسيع انساني ورثي جي گڏيل سڃاڻپ جو اظهار هونديون آهن. سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ثقافت جا ڏينھن صرف لباس يا اوڙهڻ جي جهلڪ نه، پر زبان، شاعري، تاريخ، لوڪ ڪهاڻين، ڌرتيءَ سان ناتي ۽ هزارين سالن جي تمدن جو جشن هوندا آهن. اهڙي جشن کي بندوقن، ڳوڙها آڻيندڙ گيس، لٺ بازي يا گرفتارين سان ماڻهن کان سندن آواز ۽ سڃاڻپ کسي وٺڻ جي برابر آهي. هن واقعي کانپوءِ سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن جيڪا ڪاوڙ ظاهر ڪئي، اها فقط جذباتي ردعمل نه پر هڪ مضبوط اصولي موقف آهي. جڏهن رياست يا انتظاميا اظهار جي پرامن حق کي زوري روڪيندي آهي، تڏهن اهو معاشري جي صحت تي حملو ٿئي ٿو. سياسي تنظيمون هن تناظر ۾ رڳو انساني حقن جي تحفظ جو مطالبو نه ڪري رهيون آهن، پر اهو ياد ڏياري رهيون آهن ته جمهوريت جو بنيادي ڍانچو عوام جي آواز ۽ عوامي گڏجاڻين سان جڙيل آهي. سماجي تنظيمون ۽ انساني حقن جا ڪارڪن به چئي رهيا آهن ته جشنن کي روڪڻ سان هڪ خوف جي فضا پيدا ٿئي ٿي.

ادبي حلقن جي ڪاوڙ خاص اهميت رکي ٿي. اديب، شاعر، فنڪار ۽ دانشور هميشه ضمير جا محافظ رهيا آهن. جڏهن هي طبقا آواز بلند ڪن ٿا ته ان جو مطلب رڳو اهو نه هوندو آهي ته ڪنهن انتظامي ڪارروائيءَ تي اعتراض ٿي رهيو آهي، پر اهو پڻ هوندو آهي ته سماج جي روح زخمي ٿي آهي. ادب ۽ فن جو ڪم ئي اهو آهي ته سماج کي پنهنجي وجدان سان ڳنڍي، ماڻهن کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ صحيح کي غلط کان ڌار ڪرڻ جي طاقت ڏئي. اهڙي پس منظر ۾، ادبي برادريءَ جو احتجاج هڪ اخلاقي صدا آهي جيڪا چوي ٿي: ثقافت تي هٿ وجهڻ، انسانيت تي هٿ وجهڻ آهي.

اسان سوال ٿا ڪريون: ڇا شاهراه فيصل تي ماڻهو دشمن ٿي آيا هئا؟ ڇا سندن هٿن ۾ بندوقون هيون؟ ڇا سندن اجتماع شهر کي خطري ۾ وجهي رهيو هو؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ شيلنگ ۽ گرفتارين جو جواز ڪيئن ٺهي؟ شهرين تي تشدد جا منظر ڪنهن به ذميوار رياست جا سُٽايل منظر ناهن. اهڙيون ڪارروايون ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد جي ڀت کي وڌيڪ اونچو ڪن ٿيون ۽ روزمره جي سياسي زندگيءَ کي وڌيڪ ڌڙن ۾ ورهائين ٿيون.

ثقافت جي ڏينهن جو روح امن آهي، ۽ امن کي جبر سان قائم نه ٿو رکي سگهجي. امن جو سج انهن دلين ۾ لهندو آهي جتي محبت، مک گفتگو، احترام ۽ آزاديءَ جو قدر هوندو آهي. جڏهن قومون پنهنجن رنگن سان رستا ڀرين ٿيون، ته شهر وڌيڪ موسيقيءَ جهڙو لڳندو آهي، نه ته جنگي ميدان جهڙو. تنهن ڪري، اها رياستي ذميواري آهي ته هو اهڙن ڏينهن ۾ ماڻهن جي حفاظت ڪري، نه ته سندن جشنن کي خوف جي ٻوٽي هيٺ آڻي ڇڏي. سياسي، سماجي ۽ ادبي حلقن جي گڏيل آواز جو هيءُ هڪ اهم پيغام آهي: ثقافت قومي سرمايو آهي، ۽ قومي سرمايي تي ڪو به ادارو هڪ طرفو ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي. عوام جو حق آهي ته هو پنهنجي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ جشنن ذريعي ظاهر ڪن. انهن حقن کي روڪڻ سان تنقيد وڌندي، ڌارائپ وڌندي ۽ اعتماد گهٽبو.

هن واقعي جي حقيقي ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، گرفتار ٿيل ماڻهن کي قانوني مدد ۽ شفاف مقدما ملڻ گهرجن، ۽ مستقبل ۾ انتظاميا کي اهڙا قدم کڻڻ گھرجن جيڪي پرامن ثقافتي سرگرمين جي تحفظ کي يقيني بڻائين، نه ته انهن کي خطري ۾ وجهن. جمهوريت ۾ طاقت جي مظاهرن کان وڌيڪ ذميواري، گفتگو، حڪمت ۽ رواداري کي اهميت هوندي آهي.ثقافت ته ڪنهن قوم جو آئينو هوندو آهي؛ آئينو ٽوڙڻ سان چهرو بدلجي نٿو، پر رڳو زخمي ٿئي ٿو. شاهراه فيصل تي ٿيل هي واقعو اسان سڀني لاءِ اشارو آهن ته اسان کي هڪ اهڙي سماجي پاليسي، انتظامي رويو ۽ سياسي ذهنيت جي ضرورت آهي جيڪا جشنن کي تحفظ ڏئي، ماڻهن کي گڏ رکي ۽ شهرن کي خوف مان نه پر خوشيءَ مان هلائي. سو پاڻ کي حيرت آهي ته سيڪيورٽي ۽ انتظام جي نالي ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ ۽ جشن کي غير ضروري طور روڪي مسئلا پيدا ڪيا وڃن ٿا جن جو ڪو جواز ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.