لنڊن(پ ر)لنڊن ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ سنڌي ثقافت جو ڏينهن ڪاميابيءَ سان ملهايو، جتي آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن مان سنڌي برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي، تقريب سنڌي سڃاڻپ، گڏيل هڪڄڙائپ ۽ ثقافتي فخر کي اجاگر ڪيو۔تقريب ۾ خطاب ڪندي سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ جي صدر روهيت ڪمار عالمي سنڌي برادري ۾ اتحاد ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ جي اهميت تي زور ڏنو۔ ڪميونٽي اڳواڻن، نوجوانن، عورتن ۽ خاندانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري گڏيل هم آهنگي ۽ ثقافتي شعور کي هٿي بخشي۔سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ سڀني ميمبرن ۽ رضاڪارن جي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته مستقبل ۾ به ثقافتي ۽ تعليمي قدمن وسيلي عالمي سنڌي برادري کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو۔