”فوج کي سياسي معاملن ۾ نه آڻيو“سنڌ اسيمبلي ۾ فوج سان ايڪتا جو ٺهراءُ منظور

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي ۾ گذريل ڏهاڙي گڏيل طور تي پاڪستان فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي. قرارداد گهرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن جي وزير ضياءُ الحسن لنجار پيش ڪئي. ايوان ۾ قرارداد پيش ڪندي هن چيو ته وطن جي دفاع لاءِ پاڪستاني فوج جون خدمتون ۽ قربانيون سموري قوم لاءِ فخر جوسبب بڻيل آهن، دنيا اندر پاڪستان جي  اميج کي بهتر بڻائڻ ۾ فورسز جو به هٿ آهي. هن چيو ته اها وڏي شرم جي ڳالهه آهي ته هڪ سياسي اڳواڻ جو خاندان ڀارتي چينلن تي غلط بيان ڏئي رهيو آهي، اهڙو عمل وڏي ڏک ۽ شرم جي ڳالهه آهي. هن چيو ته هر شيءِ جي ذميواري سيڪيورٽي فورسز تي وجهي وئي آهي. هن سياسي قوتن کان مطالبو ڪيو ته فوج کي سياسي معاملن جي وچ ۾ نه آڻين، هن وقت افغانستان ۽ هندستان سان سرحدن تي ڏکيائين پيش اچي رهيون آهن، اتي اسان جون سيڪيورٽي فورسز وڏي همت ۽ بهادري سان منهن ڏئي رهيون آهن، سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيون آهن، جنهن تي اسان کي فخر آهي. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته اهو هر محب وطن پاڪستاني جو فرض آهي ته هو پنهنجي فوج سان گڏ بيهي ۽ انهن کي مضبوط ڪري. بعد ۾ايوان گڏيل طور تي اهڙي قرارداد کي منظور ڪيو. ايوان جي ڪارروائي دوران سنڌ گهريلو ملازمن جي ڀلائي بل 2025 پيش ڪيو ويو. اهو بل قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار پيش ڪيو، جنهن کي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.