قلمڪار، ليکڪ، شاعر، اديب، دانشور، ڌرتي قوم، ثقافت جا سفير ۽ قومن جي سڃاڻپ جو اهڃاڻ هوندا آهن جيڪي پنهنجي قلم، شاعري ۽ لکڻين ذريعي پنهنجي قوم جي شعور لاءِ راهه هموار ڪندا آهن.
هونئن ته سنڌ ۾ انيڪ اهڙيون شخصيتون موجود آهن جن قومي جدوجهد کان وٺي قوم جي سجاڳي تائين قلم جي نوڪ ذريعي تاريخي ڪردار ادا ڪيا آهن، هڪ اهڙو ئي نالو سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ موجود آهي جنهن کي قومي شاعر شبير لاکي جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو جنهن پنهنجي شاعري کان وٺي سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد شاخ جي پليٽ فارم تان هڪ الڳ نالو ڪمايو آهي.
قومي شاعر شبير لاکو سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد شاخ جي سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏيئي رهيو آهي جيتوڻيڪ سندن صحت اجازت نٿي ڏئي ته هوءَ ڪنهن ڪاروانهه يا ڪرت ڪتب آڻي سگهي پر هوءَ بيماري جي بستري تي هجڻ جي باوجود ادبي ميڙاڪن پنهنجي چرپر کي جاري رکيو آهي.
هونئن ته قومي شاعر شبير لاکو پاڪستان اسٽيل مل مان جبري طور تي برطرف پورهيت آهي هوگذريل ٽن سالن کان نوڪري کان الڳ ڪيو ويو آهي ۽ معاشي طور تي ڪمزور آهي هن مهانگائي جي دور ۾ هوءَ پنهنجي ڪٽنب جي وهنوار کان پڻ قاصر آهي سندس گردن جي بيماري جو علاج ڪنهن نجي اداري مان ڪرائڻ کان لاچار آهي.
قومي شاعر ۽ پورهيت شبير لاکي همت نه هاري آهي هو بيماري سان گڏوگڏ معاشي طور تي پنهنجي ڪٽنب جي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي سندس لکڻيون جيڪي ٻن ڪتابن جي صورت ۾ پڻ موجود آهن هڪ ”سونهه سڀيتا“ ۽ ٻيو ”سنڌ منهنجي جند“ جن کي شايع ڪرڻ لاءِ معاشي طور تي سگهه نٿو رکي،
قومي شاعر شبير لاکو گذريل ڏيڍ سال کان گردن جي عارضي ۾ مبتلا آهي هو آئي ڏينهن سنڌ حڪومت جي سرڪاري اسپتال ۾ همت ڪري پنهنجو علاج وقت بوقت ڪرائيندو رهيو آهي شبير لاکي پنهنجي شاعري هن ريت ”دل چوي ٿي گيت لکان، گيت ۾ ديس جي جيت لکان، جيت ۾ پنهنجي ريت لکان، ريت ۾ پيار پريت لکان“ بيان ڪري ٿو. شبير لاکي جي معياري علاج لاءِ سنڌ سرڪار کي گذارش ٿي ڪجي جنهن وٽ بجيٽ ۾ تمام وڏي رقم مخصوص آهي.
قومي شاعر جي زندگي بچائڻ لاءِ ثقافت کاتو سنڌ کي پڻ نوٽيس وٺندي ان جي علاج کي يقيني بڻائڻ گهرجي، سنڌ جي ساڃاهه وندن کي شبير لاکي جي قيمتي زندگي کي بچائڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ گهرجي جيئن سنڌ هڪ قومي شاعر ۽ اديب کي بچائي سگهي.