پهرين سينسر پاس ڪئي، پوءِ فل سينسر بورڊ پاس ڪئي. پوءِ ارادو بدلائي شريعت ڪائونسل ڏانهن موڪلي وئي. اتان کان سينيٽ تائين پهتي، سينيٽ به پاس ڪري ڇڏي. سينسر بورڊ ان کي ٻيهر منظور ڏئي ڇڏي، پر فلم ”زندگي تماشا“ سينيما گهرن تائين پوءِ نه پهچي سگھي.فلم جي خالق سرمد کوسٽ ڪافي عاجزي سان ڪجھھ ڏينھن اڳ اھا فلم يوٽيوب تي رليز ڪري ڇڏي.ان گذارش سان ته جيڪڏهن دل چاھي تھ ٽڪيٽ وٺو يا ٽڪيٽ جا پئسا عطيو ڪري ڇڏيو ۽ اهو به ڏسو ته فلم سان ڪنهن جي توهين تھ نٿي ٿئي.
مان ۽ ڪجهه دوستن اها فلم سينسر بورڊ وٽ وڃڻ کان اڳ ڏسي چڪا ھئاسين ۽ اسان سياڻپ ڪندي اھا صلاح بھ ڏئي چڪا ھئاسين تھ فلم ۾ ڪا به اعتراض جوڳي ڳالھھ ناھي بلڪھ هڪڙي دوست اهو به چيو ھو ته ميان سرمد توهان هيءَ فلم ٺاهي پنھنجي آخرت جو بندوبست ڪري ورتو آھي. ڇو ته فلم ڏسڻ کان پوءِ سينيما مان نڪرندڙ ماڻھون درود شريف پڙهي رھيا ھوندا ۽ ثواب فلم ٺاهيندڙ کي ملي رھيو ھوندو.فلم سان يوٽيوب تي کڙڪي ٽوڙ رش لڳي وئي آهي، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ لکين ماڻهن ڏسي ورتي آهي.مان جيئن تھ فلم جي ڪهاڻي ۾ ٿيندڙ ٽريجڊي ۽ فلم سان ٿيندڙ ٽريجڊي ٻنهي کان واقف آھيان. ان ڪري تجسس فلم ڏسڻ بعد شوقين ڇا چوندا.
فلم کي پسند ڪندا يا نه ڪندا، کان وڌيڪ مان اھو ڄاڻڻ چاهيو پئي تھ ڇا انهن کي هن فلم ۾ ڪھڙي طرح جي توھين،بدتميزي،گستاخي ملندي. فلم کي اڪثر ماڻهن پسند ڪيو، فلم جي ٺاهيندڙن کي تمام گهڻو پيار بھ مليو، ڪجهه ماڻهن چيو ته اها تھ هڪ آرٽ فلم آهي، ڪجهه ماڻهن کي ٿورڙي سست لڳي پر سڀني ڏسندڙن ان حيرت جو اظھار ڪيو تھ هن فلم ۾ تھ ڪجهه اھڙو نھ آهي. ته پوءِ فلم سان اھڙو سڀ ڪجهه ڇو ٿيو.
اھا معصوماڻي حيرت ھن هاشمي قوم جي خصوصيت بڻجندي پئي وڃي. مون ملڪ جا نوان نوان حڪمران ۽ سڀني کان وڏن منصفن کي جڙانوالا بعد افسوس ( ۽ مونکي ڪو شڪ ناهي ته اھو پڇتاءَ ھنن محسوس ڪيو، پر انهن سڙندڙ چرچن جي ڪري نھ بلڪھ پاڪستاني جي بدنامي جي ڊپ کان ) جي ڪري مٿو ڌوڻيندي ڏٺو تھ ھي اسان کي ڇا ٿي ويو آھي.مون به چيو ته مون اها فلم اڳ به ڪيترائي ڀيرا ڏٺي آهي. توهان ٽي وي يا سوشل ميڊيا تي پادري ان وقت ڏٺا هوندا، جڏهن انهن جا گهر ۽ عبادتگاهون سڙي چڪيون ھونديون آهن، جڏهن ڪنهن کي جيئرو ساڙي ماريو ويندو آهي، تڏهن به اھو ضروري سمجھيو ويندو آھي تھ ڪئميرا تي انھن سان گڏ مولانا طاهر اشرفي کي به ضرور ويهاريو وڃي.منهنجي ذهن جي اسڪرين تي هڪ ٻي فلم هلڻ لڳي، جنهن جي مکيه ڪردار سان ’زندگي تماشا‘ جي مکيه ڪردار کان به گھڻو وڌيڪ خراب ٿيو هو.ان فلم جو مرڪزي ڪردار هڪ يونيورسٽي جو استاد آهي ۽ گذريل ڏهن سالن کان ھڪ جيل ۾قيد تنھائي ڪاٽي رهيو آهي. سندس وڪيل قتل ٿي چڪو آهي. ان استاد جو نالو ان ڪري نٿو لکي سگهجي ڇاڪاڻ ته سندس خاندان ۽ دوستن کي خدشو آهي ته جيڪڏهن سندس نالو ميڊيا ۾ آيو ته جيل ۾ بھ، قيد تنھائي ۾ بھ ھن جي حياتيءَ کي خطرو ٿي سگهي ٿي.ڪلاس روم کي دنيا ۾ هر هنڌ محفوظ جڳهه سمجهيو ويندو آهي. ٻار ۽ نوجوان جيڪي ڳالھيون پنھنجي ماءُ پي کان نٿا پڇن ، سي استاد کان پڇي سگهن ٿا.استاد به انهن تي نون خيالن جا دروازا کولي سگهي ٿو، پر هن ملڪ ۾ ادب جي ڪلاس ۾ گهڙي، استادن جي ڪتابن ۾، سندس نوٽس ۾ توھين ڳولي وئي.ڪڏهن به نه ٻڌايو ويو ته ڪھڙي توھين ٿي ھئي وڪيل کي ان ڪري قتل ڪيو ڇاڪاڻ ته هو توھين ڪندڙ جي وڪالت ڪري رھيو ھو. جيڪا ظاهر آهي ته هڪ توھين آھي. عدالت سزا ٻڌائي ڇڏي، جن کي اپيلون ٻڌڻيون آهن ، اهي جڙانوالا ۾ وڃي، ڪئميرائن جي سامهون شرمسار ٿي رهيا آهن.
فلم ”زندگي تماشا“ ۾ گستاخين جي ڳولا ڪندڙ هڪ ڪردار ڌمڪي ڏئي ٿو ته مان لڳارايان نعرو. فلم ڏسندڙ ڪيترن ئي ماڻهن جو چوڻ هو ته ھنن کي اھو منظر ڏسي خوف ٿيو.ڇاڪاڻ جو سڀني کي اندر کان پتو آھي تھ جيڪڏھن هڪ ڀيرو نعرو لڳندو ته اهو واپس نٿو اچي سگهي. آباديون سڙي وينديون آھن، زندگيون برباد ٿي وينديون آهن، پر ڪو به جج، ڪو صحافي، ڪو سياستدان اھو نٿو پڇي سگھي ته ڪهڙي توھين ٿي؟ ڇو؟ ڇو ته سوال پڇڻ به توھين جي زمري ۾ اچي ويندو.توھين جي تلاش جو اسان جو سفر ڊگهو آهي ۽ ھي اهو سفر آهي جنهن جي ڪا به منزل ناهي ھوندي. اسان هن وقت تائين چرچن ۾، مقدس انجيل ۾، مندرن ۾، غريب عيسائين جي جھوپڙين ۾، احمدي عبادتگاهن جي مينارن ۾، انهن جي قرباني جي جانورن ۾ توهين ڳولي آهي.اسان يونيورسٽي جي ادب جي ڪلاسن ۾ عشق رسول ۾ ٺھيل فلم ۾ ، سياستدانن جي تقريرن ۾، بلاگن ۽ ويلاگز ۾، هٿ کولي نماز پڙھندڙن ۾ ۽ هٿن ٻڌي نماز پڙھندڙن ۾، ججن ۽ وڪيلن ۾، پنھنجن گيتن ۽ ترانن ۾ توھين ڳولي آھي.ڳولا اڃا جاري آهي.نعرو لڳي چڪو آھي ۽ سڙيل وسندين جي رک ۾ پنهنجي سلامتي واري دين جي نيڪ نامي۽ پنھنجي پياري وطن جي بدنامي ڳولي رهيا آهيون. ڪوشش جاري رکو، شايد ملي وڃي.