ميرپورخاص(بيورورورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميرپورخاص ضلعي جي تعلقي حسين بخش مري ۾ اربين روپين جي ماليت جي 22 ايڪڙن کان وڌيڪ سرڪاري زمين تي بااثرن پاران قبضا ڪري روينيو کاتي جي ڪارين رڍن سان ملي ڀڳت ڪاري کاتا تبديل ڪرڻ وارين انڪشافن جو نوٽيس وٺندي شهيد بينظير آباد جي ڪمشنر جي اڳواڻي ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ميمبر بورد آف روينيو جوڊيشنل ميمبر 03 تي ٻڌل ٽي رُڪني ڪاميٽي جوڙي سرڪاري زمين جا کاتا تبديل ڪرڻ ۾ ملوث روينيو کاتي جي عملدارن ملازمن ۽ اربين روپين جي زمين تي قبضو ڪرڻ ۾ ملوث بااثرن جا نالا ظاهر ڪرڻ لاءِ رپورٽ تيار ڪري مڪمل رپورٽ 15 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حُڪم ڏنو آهي، اهڙي هدايتن بعد ذريعن موجب ڪاميٽي جي چيئرمين ڪمشنر شهيد بينظير آباد پاران ميمبر جو اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن لاءِ ڪمشنر ميرپورخاص ڊپٽي ڪمشنر ۽ تعلقي حسين بخش مري جي اسسٽنٽ ڪمشنر سميت لاڳاپيل عملدارن ذريعن موجب گڏجاڻي ڪري ڄاڻايل سرڪاري زمينن جي کاتن سميت ٻيون رپورٽون طلب ڪيون آهن ته جيئن انهن رپورٽن سان گڏ انڪوائري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ انگ اکر رکي سگهجن. واضع رهي ته تعلقي حسين بخش مري ۾ سرڪاري زمينن جا جعلي کاتا ڪري بااٿرن ۽ سندن ماڻهن جي نالن تي منتقل ڪرڻ جون شڪايتون وڏي عرصي کان جاري هيون جڏهن ته بااثرن پاران روينيو کاتي جي ڪارين رڍن سان ملي ڀڳت ڪري زمينن جا جعلي کاتا ٺاهڻ ۽ مختلف ماڻهن سميت سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرڻ جي شڪايتن بعد لوڪل سطح تي شروع ٿيندڙ انڪوائرين ۾ بااثرن جي مداخلت سبب ڪا به ڪاروائي نه ٿي سگھيون هيون معاملو ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد اربين روپين جي سرڪاري زمينن تي قبضن جي جاچ لاءِ وڏي وزير پاران ڪميٽي جوڙڻ بعد روينيو کاتي جي ڪارين رڍن ۽ بااثرن ۾ ٻڙدڪ مچي ويو آهي.