حيدرآباد ۾ ميھڙ واسي ھمراھ ڪھاڙيون ھڻي قتل، ٻني مان لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ميھڙ واسي ھمراھ ڪھاڙيون ھڻي ڳچي ڪپي قتل، لاش ٻنِي مان ھٿ، پوليس جو چوڻ ھو ته واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو، نسيم نگر باءِ پاس تي مھراڻ پل ويجھو واقع رھائشي علائقي ڪريم ڪاٽيجز لڳ ٻنِي مان ھڪ ھمراھ جو ڪھاڙيون لڳل لاش ھٿ آيو، علائقي واسين جي اطلاع تي نسيم نگر پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو جتي هن جي سڃاڻپ ميھڙ واسي 46 سالن جي امتياز علي پٽ عبدالڪريم ڀنڊ طور تي ٿي جنھن بعد سندس وارثن کي اطلاع ڏنو ويو، جن جي پھچڻ کانپوءِ رات دير سان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي انھن حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او عبدالمالڪ ابڙو جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ ۾ ٻڌايو ويو ته واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي، مقتول جي ڀاءُ تي ڪارنھن جو الزم ھو، جنھن ناري جو الزم مقتول جي ڀاءُ مٿان مڙھيل آھي اھا به دارالامان حيدرآباد ۾ پناھ ورتل آهي، ٻڌايو ويو ته مقتول حيدرآباد ۾ ان ناري سان ملڻ ۽ ڌرين ۾ ٺاھ لاءِ آيل ھو، ان ڏس ۾ مقتول جي وارثن جي اچڻ ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ بعد وڌيڪ ڄاڻ ملندي، ايس ايڇ او موجب مقتول کي ڪھاڙيون ھڻي ڳچي ڪپي قتل ڪيو ويو، واقعي واري هنڌان ٻه ڪھاڙيون پڻ ھٿ آيون آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.