ڪراچي ۾ ڊمپرن 2 نوجوانن کي ماري ڇڏيو، لياقت محسود جي شهرين مٿان فائرنگ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊمبر مافيا زور وٺي وئي، هڪ ئي ڏينهن اندر ڊمپرن ٻن نوجوانن کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، عورت ۽ نوجوان زخمي، رام سوامي واري علائقي ۾ واقعي بعد ڊمپر کي باهه، ڊمپر ايسوسيئيشن صدر لياقت محسود پهچي مظاهرين مٿان فائرنگ ڪري ڏني، رپورٽن موجب ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ اسپتال چورنگي جي ويجهو ڊمپر موٽرسائيڪل سوارن کي لتاڙي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، ڪراچي ۾ هڪ ئي ڏينهن دوران هيوي ٽريفڪ سبب ٻيو وڏو حادثو پيش آيو، لانڍي ۾ ڊمپر جي ٽڪر سان موٽرسائيڪل سوارن کي شديد نقصان رسيو، افسوسناڪ حادثي ۾ هڪ موٽرسائيڪل سوار مارجي ويو، ٻيو زخمي ٿي پيو، حادثي کان پوءِ ڊمپر ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿي ويو، پوليس لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪري ڊرائيور جي تلاش شروع ڪري ڇڏي، ريسڪيو اختيارين موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، فوتي جي سڃاڻپ 20 سالن جي ڪاشان طور ٿي آهي، جڏهن⁠ ته 19 سالن جو جواد زخمي ٿي پيو، ان کان اڳ ڪراچي جي نشتر روڊ تي رامسوامي واري علائقي ۾ به ساڳي نوعيت جو حادثو ٿيو، جتي ڊمپر جي ٽڪر سان هڪ موٽرسائيڪل سوار شاهزيب مارجي ويو ۽ سندس زال زخمي ٿي وئي، حادثي کان پوءِ علائقي واسين ڊمپر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو، جنهن کي پوءِ پوليس گرفتار ڪيو، ڊمپر کي ساڙڻ واري واقعي کان پوءِ ڊمپر ايسوسيئيشن جو صدر لياقت محسود هٿياربند گارڊ سان واقعي واري هنڌ پهتو، جنهن کي ڏسي علائقي واسين احتجاج شروع ڪري ڏنو، ان دوران لياقت محسود جي گارڊ ڊبل ڪيبن ۾ سوار ٿي ماڻهن تي فائرنگ ڪئي، ليا قت محسود دعويٰ ڪئي ته مٿس قاتلانه حملو ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري هن احتجاجي طور نيشنل هاءِ وي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ياد رهي ته ڪراچي ۾ تازن ڏينهن ۾ ڊمپر جي حادثن ۾ خطري جوڳي واڌ ٿي آهي، 2 نومبر تي ملير ڪينٽ جي حدن ۾ جناح ايونيو تي ڊمپر جي ٽڪر سان ايف آءِ اي جو اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر محمد ايوب خان مارجي ويو هو، جيڪو ڊيوٽي تان موٽي رهيو هو، پوليس ان واقعي ۾ ذميوار ڊرائيور کي گرفتار ڪيو هو.

  1. لياقت محسود جي گرفتاري کان اڳ ضمانت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ شهري جي موت واري واقعي کان پوءِ عدالت ڊمپر ايسوسيئيشن جي صدر لياقت محسود جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت لياقت محسود کي پنجاهه هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، ڪراچي جي گارڊن واري علائقي ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب شاهزيب نالي نوجوان مارجي ويو هو، جڏهن⁠ ته سندس زال زخمي ٿي وئي هئي، حادثي کان پوءِ مڇريل ماڻهن ڊمپر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن⁠ ته ڊرائيور فرار ٿيڻ کان پوءِ پوليس کيس گرفتار ڪيو هو، حادثي کان پوءِ پوليس لياقت محسود خلاف به  ڪيس داخل ڪيو، جنهن بعد هن ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو، عدالت لياقت محسود پنجاهه هزار رپين جي مچلڪن تي ضمانت منظور ڪئي ۽ کيس جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت به جاري ڪئي، علائقي ۾ حادثي کانپوءِ احتجاج ڪندڙن مٿان لياقت محسود فائرنگ ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.