امداد حسيني ڏهه مارچ 1940ع ٽکڙ اسڪول آف ٿاٽ جھڙي ڳوٺ ۾پيدا ٿيو.ھي ڳوٺ درياهه سنڌ جي ڪنڌيءَ تي ٻه ڀيرا ٻڏي ٽيون ڀيرو آباد ٿيو.ھن ڳوٺ جي ڀرسان گنجو ٽڪر نالي جابلو پٽي واقع آهي. لغت موجب ٽڪنڊي جابلو ايراضيءَ واري ھنڌ کي به ٽکڙ چوندا آھن. شايد انھيءَ ڪري ھن تي ٽکڙ نالو پيو. ھن کي ڳوٺ ۾ امداد حسيني چار سال سنڌي پڙھي ميٽرڪ وڃي نور محمد ھاءِ اسڪول مان ڪئي. انٽر سچل سرمست ڪاليج، ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.. ھو سنڌ جو منفرد ۽ جديد شاعر آھي. سندس ھن وقت تائين اٺ شعري مجموعه ڇپجي چڪا آھن. ”سورج لاءِ ڪو پٿر ناھي“ سندس اٺون شعري مجموعو آهي، جيڪو سندس وفات کان پوءِ سندس جيون ساٿياڻيءَ ڇپرايو آهي. امداد حسيني ھر موضوع تي لکيو آهي. ھو حسن ۽ ڌرتيءَ جو مڃيل شاعر آھي. سندس شاعريءَ جا رنگ ھزارين آھن. منھنجو مطلب، ته هن جي شاعريءَ جا اڻ ڳڻيا پاسا آهن، جن مان کوڙ سارن تي مون لکيو آهي، اڃا ڪافي سارن پهلوئن Aspects کي اجاگر ڪيو ويندو.. جيئن، ته اڄ 27 آگسٽ تي امداد حسينيءَ جي پهرين ورسي آهي. هو جسماني (خارجي) طور اسان جي وچ ۾ ته نه آهي پر روحاني (داخلي) فڪري ۽ تخليقي طور اسان توهان جو ساڻي آهي. هيءَ دنيا فاني آهي، ڪيئي آيا ويا ۽ ايندا ويندا. سڀ ڪو پنهنجو سپتيو ڪپتيو سماجي ڪردار ادا ڪري هليو ويندو. بُرائي پئي ڀيلڀي ۽ چڱائي پئي ڳائبي. امداد حسيني جو علمي ادبي ۽ سماجي خدمتون ڳڻڻ کان گهڻيون آهن. هن پنھنجي تخليقن ۾ فڪري طور دنيا جي بي ثباتي (غير پائيداري) جو به شعور ڏنو آهي. دنيا جي جملي مذهبن ۽ ڌرمن جي پاڪ پُستڪن ۾ دنيا جي بي ثباتيءَ جو تصور- فڪر چٽو ڪري ناصحاڻي نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ”ڪل نفس ذائقة الموت“ وارا لفظ هر مسلمان جي ڪنن تائين پهتا آهن. سنڌي هندي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾، ته هنِ موضوع تي گهڻو ئي لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي. جڏهن، ته جديد سنڌي شاعري پڻ اهڙي شعور کان خالي نه آهي. امداد حسيني جديد خيالن، خوبين ۽ منفرد اسلوبي خوشبوءَ وارو شاعر آهي. هن جي ڪلام منجهه به، ذڪر هيٺ آيل نقطي کي بي ڊپائي ۽ خوبصورتيءَ سان بحث هيٺ آندو ويو آهي، ان کان علاوه نهايت ئي ڪمزور/ بي وفا ۽ محدود زندگيءَ جي وِٿيءَ ۽ وقت کي به ظاهر ڪيو ويو آهي. حالانڪي مذهبن ۽ ڌرمن کي هن فڪر- تصور کي خوف جي کول ۾ ويڙهي/ وجهي ماڻهن اڳيان آندو ويو آهي. پر ساڳي ڳالهه امداد حسينيءَ دلربا، آرٽسٽڪ انداز ۽ جمالياتي سرگرمين جي اُوٽ ۾ اوپن ڪئي آهي.
ان ڏس ۾ هي شعري مثال ڪيترو نه وڻندڙ ۽ دلين کي ڇهندڙ آهي:
زندگي آهي رڳو بس ايتري
يارَ جي رخسار تي تِر جيتري!
امداد حُسيني پيار جو شاعر آهي، ۽ پيار ڪندڙ ظلم ۽ جبر مخالف ٿيندو آهي. اهڙا شاعر فنڪار پنهنجي خيالن ۾ خوبصورت ۽ امن پسند خيالي سماج جو تصور ڏيندا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مليل قليل مدت ۽ مهلت واري حياتي کين مختصر ترين محسوس ٿيندي آهي. جو سندن خواهشن ۽ ترجيحات ۾ سک ڀريو سماج هوندو آهي. امداد حسيني انهيءَ ٿورَ- عرصي واري مليل عُمري عهدي مان نه ڍاپندي نا خوشيءَ جو اظهار ڪندي چوي ٿو:
پيار ڪرڻ لاءِ هڪڙو جيون
اي ارمان رهي ٿو جڳ ۾.
امداد حسيني صاحب چئن سنڌي فلمن، ڌرتي لال ڪنوار، حاضر سائين سهڻا سائين ۽ جانيئڙا لاءِ 20 فلمي گيت/گانا/نغما لکيا. جن مان جانيئڙا فلم رليز ٿي نه سگهي. باقي انهيءَ فلم جا گيت اڄ به ٻين فلمي گيتن سان گڏ ريڊيو تان نشر ٿين ٿا. امداد حسينيءَ جي فلمي گيتڪاريءَ ۾ محبتي جذبن،قدرن کان علاوه قومي، مذهبي، سماجي ۽ لساني فڪر ملي ٿو. سندس هڪڙي فلمي گيت ۾ پڻ دنيا جي محدوديت، ناپائيداريءَ جو فڪر به ملي ٿو. امداد صاحب جي پيش ڪيل ھن خيال ۾ زندگيءَ جي بي ثباتيءَ کي ٻين مفڪرن کان هٽي ڪري نت نئين خيال ۽ نموني ۾ظاهر ڪيوويو آھي هو حياتيءَ جي سفر کي اک ڇنڀ جيترو عرصو قرار ڏئي دنيا ۾ مھمان طور آيل آدمزاد کي ، لَحَد جي اڪيلائيءَ جو احساس ڏياري ٿو:
پَلڪَ جهلڪ جو ميلو آهي،
پوءِ هر ڪوئي اڪيلو آهي.
ڪلاسيڪل شاعري مذهبن/ڌرمن جو پرتوو آهي، مفهومي مظهر آهي. جهن ۾ دنيا جي حَدَ بنديءَ Limitations وارو حُسن ۽ ذڪر بار بار ڪيو ويو آهي. پر مذهب/ ڌرم موت کي اذيت ناڪ انداز سان پيش ڪن ٿا. جنهن سان ماڻهو ذهني طور خوف جو شڪار ٿئي ٿو. بلڪل اِيئن جيئن ڪنهن بيمار ٻارَ کي ڊڄ ڏئي دوا پياري سمهارجي.
پر جي والدين ساڳي ٻارَ کي دوا جي فائدي ، علاج ۽ صحتمندي جي ضمانت ڏئي دوا پيارين، ته ڪيڏو نه پرسڪون رويو هوندو والدين جو، انهيءَ ٻارَ لاءِ .
امداد حسينيءَ وٽ مَري وڃڻ يا دنيا جي بي ثباتيءَ وارو فڪر تصور نئين رنگ ڍنگ سان نظر اچي ٿو، جنهن ۾ پيش ڪش جو انداز نهايت پولائيٽ ۽ پاٻوهَه وارو آهي. بلڪل ائين جيئن ڪو پيڙا کي مسڪراهٽن جي پردي ۾ ڍڪيندو هجي. امداد حسيني انهيءَ دنوي سچائي ۽ حقيقت کي چند سوٽن جيتري حيثيت ۽ اهميت ڏئي هِن طرح پنهنجو خيال پيش ڪري ٿو:
تو سوا سڀ ڪجهه وسارڻ ٿو گهران
زندگي
هي چند سوٽن جيتري!
امداد حسينيءَ جي اڄ پهرين ورسي آهي، هو جسماني طور اسان کان هٿڙو ڇڏائي ڏور هليو ويو آهي، پر روحاني ۽ ادبي حوالي سان هر وقت اسان جي اکين اڳيان ۽ وچ ۾ ويٺل آهي. ھو دنيا ۾ جتي ڄائو، نپنو (ٽِکڙ)وڏو ٿيو (حيدرآباد) ۽ حياتيءَ جا آخري چند سال (ڪراچي) گذاريا. اتي سندس کوڙ سارو سامان ۽ ساروڻيون پوئتي ڇڏيل آهن. هو پنهنجي تحريرن، ڪتابن، ريڊيو جي هر اسٽيشن تي هلندڙ پنهنجي گيتن، نغمن، درسي ڪتابن ۾ شامل ٻاراڻي شاعريءَ، پرستارن جي ڌڙڪندڙ دلين، پنهنجي عَهَد جي ليکارين، نقادن، مٽن مائٽن، پنهنجي شريڪ حيات (ميڊم سحر امداد حسيني) پنجن پٽن، ڌيءَ ڊاڪٽر سنڌيا شاهه، ادبي سنگتي ساٿين سان ڪيل ڪچهرين بحث مباحثن ۾ ڏنل ٽهڪن جي روپ ۾ زندهه جاويد رهندو. امداد حسيني اهڙي صورتحال کان اڳ ئي واقف هو، کيس خبر هئي، ته هي محدوديت وارو دؤر هِڪَ ڏينهن پڄاڻيءَ تي پهچندو. امداد حسيني موت کان ڪڏهن خوفزده نه ٿيو، سندس جملي شاعريءَ ۾ ڪِٿي به موت جي خوف وارو خيال نٿو ملي. هو اهڙي فڪر- تصور کي چٽو ڪرڻ لاءِ به، سونهن سرگرمين جو سهارو وٺي، انتهائي آسان انداز سان پيش ڪري ٿو. ائين جيئن ڪوئي زهر کي امرت سمجهي پي وڃي يا ڪڙاڻ کي مٺائي سمجهي معدي ڏانهن موڪلي ڇڏي. اهڙي طرح دنيا مان، بي خوف خطر هليو وڃڻ وارو فڪر امداد حسيني ڏي ٿو. هو ھن عارضي دنيا جھان مان موت کي محبت ڀري ٿڦڪي هڻي لفظن جا هَٿَ لوڏي اِهو چوندو هليو ٿو وڃي، ته :
ماڻهو پاڻ ته رھندو ناھي،
بس سامان رهي ٿو جڳ ۾.