سنڌ ۽ بلوچستان جا سياسي لاڳاپا ۽ تاريخي ويڇا !

علي محمد ميمڻ

بلوچستان جي ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند اڳواڻ، باباءِ  بلوچستان مير غوث بخش بزنجو جي فڪر پارلياماني جمهوري سياست ۽ نظرئي واري جماعت نيشنل پارٽي جي سڏ تي ڪراچي ۾ 25 آگسٽ 2023ع تي تمام اهم ميڙاڪو بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي صدارت ۾ ڪيو ويو..هن اجتماع ۾باباءِ  بلوچستان مير غوث بزنجو ۽ سندس فرزند مير حاصل خان بزنجو  جي ورسي جي موقعي تي کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سنڌ ۽ بلوچستان جي ترقي پسندن ۽ جمهوريت پسندن جي هڪ وڏي تعداد شرڪت ڪئي.ملڪ جي سياسي صورتحال، رياست جي حالت ۽ ملڪ جي جمهوريت پسند جماعتن جي ڪردار ۽ بلوچستان ۽ سنڌ جي ترقي پسند ۽ قوم پرست بابت خطاب ڪندڙ طرفان پنهنجا بهترين تجزيا پيش ڪيا ويا. ملڪ ۾ جمهوري سرشتي ۾ رياستي ادارن جي وڌندڙ مداخلت، والار ۽ ملڪ جي جمهوري قوتن، ترقي پسندن ۽ قوم پرست ڌرين ۾ وڌيل ويڇن ۽ هڪ ٻئي کان پري هئڻ جا ملڪ جي سياسي سرشتي ۽ وفاق، صوبن ۽ قومن جي حقن جي حاصلات تي پوندڙ اثرن ۽ ٿيندڙ نقصانن واري صورتحال تي پر مغز، سنجيده خيال ۽ رايا پيش ڪيا ويا. هن ميڙاڪي ۾ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ طرفان ملڪ جي ترقي پسند ڌرين جي يڪجا ٿي ملڪ جي جمهوري سرشتي۾ پنهنجو اثرائتو ۽ فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻ جا سوال اٿاريا ويا ۽ انهن سوالن تي سمورين ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند ڌرين ۾کليل بحث مباحثو ڪرڻ ۽ ترقي پسند جمهوري قوتن جي وکريل قوت ۽ تعداد کي يڪجا ڪرڻ يا  گهٽ ۾ گهٽ نقطن تي وسيع تر اتحاد جوڙڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ سنڌ ۾ نيشنل پارٽي جي واڌ ويجهه تمام گهٽ ٿيڻ ۽ سنڌ ۾ ڳاڻيٽي جهڙي قبوليت حاصل نه ٿيڻ جي سببن تي سنڌ جي سمورين ڌرين کي غور ويچار ڪري پنهنجا رايا ڏيڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي.

ٻئي پاسي، ملڪ جي پارلياماني ۽ جمهوري سرشتي ۽ سياست جي حوالي سان سنڌ صوبي ۾وري ترقي پسند ۽ قوم پرست ڌريون ڪنهن به ڳڻپ ۾ ناهن، ملڪ ۾ ٿيندڙ گذريل 2013 ۽ 2018ع واري عام چونڊن ۽ ان بعد سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن ۽ ڪاميابين وارو سمورو ميدان پڻ هنن جي وجود کان لڳ ڀڳ خالي نظر آيو ۽ سنڌ جي سمورن ضلعن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي ئي سڀ کان وڏي عوامي ۽ قومي طاقت جي حيثيت ۾ اڀري آئي آهي. عجيب معاملو آهي جو  سموري صوبي ۾ ڪابه  ترقي پسند يا قوم پرست جماعت ڪا قابل ذڪر ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهي آهي. سنڌ ۾ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفاقي سياست جي بلندين واري سياست 55 سال گذري وڃڻ جي باوجود جهڪي نه ٿي آهي ۽ سمورن ميدانن ۾ اها ئي جماعت سياست جي ميدان ۾ ڇانئي پئي آهي. هر وقت چونڊن ۾ ميدان ماري اڳ کان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري رهي اڳتي وڌي رهي آهي.پيپلز پارٽي گذريل 15 سالن کان مسلسل سنڌ ۾ حڪمراني ڪرڻ ۽ مخالف جماعتن ۽ ڌرين جي ورهين کان لڳندڙ الزامن، تهمتن ۽ سنڌ دشمني وارن ڳالهين، جلسن ، جلوسن، ميڊيا مهمن ۽ عوامي رابطا مهمن جي باوجود صورتحال ۾ ڪو خاص فرق نه ٿي رهيو آهي ۽ هن جماعت  جي مقبوليت ۾ گهٽتائي ٿيڻ جا ڪي به آثار پيدا ٿي نه سگهيا آهن. هيڏو وڏو عرصو  حڪومت ۾ رهڻ جي باوجود اها جماعت غير مقبول نه ٿي سگهي آهي ۽ سنڌ ۾ ڪابه ٻئي قوت يا سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي کان سرسي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي رهي ته ان جا ڪهڙا سبب آهن ؟  يقينن هر هڪ سياسي جماعت، سنڌ جي سڄاڻ ڌرين، ليکڪن، صحافين ۽ ساڃهه وندن لاءِ  سوچڻ ۽ حقيقتن جي سنڌ جي عوام جي ذهنن ۽ دلين ۾ لهي ڳولا ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.

ٻئي پاسي، بلوچستان ۾ سنڌ جي ڀيٽ ۾ صورتحال بلڪل مختلف آهي، بلوچ قوم۽ عوام ۾اتي جي  ترقي پسند ۽ قوم پرست ڌرين کي سندن صوبي ۾ قابل قدر مقبوليت ۽ مڃتا حاصل آهي. اهو ئي سبب آهي جو بلوچستان جي پارلياماني سياست ۾ اتي جون ترقي پسند ۽ قوم پرست جماعتون ۽ اڳواڻ، نوابن، سردارن ۽ زميندارن جي مقابلي  ۾ چونڊون کٽي ويندا آهن. ڊاڪٽر عبدالمالڪ پڻ پنهنجي جماعت جي بلوچستان اسيمبلي ۾هڪ اهم طاقت طور موجود هئڻ ڪري بلوچستان جو وڏو وزير ٿي سگهيو. ان کان اڳ مير غوث بخش بزنجو، سردار عطاءُ الله مينگل، علاوه ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ، ڊاڪٽر ياسين بلوچ، سردار اختر جان مينگل ۽ ٻيا ترقي پسند قوم پرست اڳواڻ ۽ ڌرين کي پڻ بلوچستان ۾ عوامي مڃتا ۽ اعتماد حاصل رهيو آهي.جڏهن ته جمهوري جماعتن ۾ نواب اڪبر بگٽي جي جمهوري وطن پارٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پڻ بلوچستان ۾پنهنجون حڪومتون قائم ڪري چڪيون آهن.   اهڙي ريت، خيبر پختونخواهه ۾ نعپ ۽ ان بعد عوامي نيشنل پارٽي جهڙيون ترقي پسند، قوم پرست جماعتون پڻ پختون قوم۾ مقبول جماعتون رهيون آهن. دلچسپ ڳالهه آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ساڳي وقت خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ پڻ عوام جون مقبول جماعت طور ڪاميابي حاصل ڪري انهن صوبن ۾ پڻ حڪومتون قائم ڪري چڪي آهي ۽ وري انهن صوبن ۾ چونڊن ۾ هارائي پنهنجي اڪثريت وڃائيندي پڻ رهي آهي. جڏهن ته، سنڌ ۾ پيپلز پارتي جي گذريل 50سالن ۾ مقبوليت برقرار آهي، رياست جي سياست ۾ مداخلت ۽ آمريتن جي دور ۾ هن جماعت کي ديوار سان لڳايو ويندو رهيو آهي ۽ چونڊن جا نتيجا تبديل ڪري هارايو ضرور ويندو رهيو آهي پر کيس ختم ڪرڻ ۾ ڪنهن به مخالف کي اڄ ڏينهن تائين ڪا خاص ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي آهي.

سنڌ جي سياست ۽ سياسي نتيجن جي صورتحال کي هن طرح به بيان  ڪري سگهجي ٿو ته  بلوچستان ۽ پنجاب وانگر سنڌ ۾ قوم پرستي واري سياست اڃا تائين سنڌ جي عوام جي توجهه حاصل نه ڪري سگهي آهي. اهڙي ريت، هاڻوڪي  نيشنل پارٽي يا هن کان اڳ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ واري اڳوڻي بلوچستان نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) جي ترقي پسند قوم پرست سياست پڻ سنڌ جي عوام کي پاڻ ڏانهن مائل  نه ڪري سگهي آهي.هن وقت ته صورتحال اها آهي جو بلوچستان جي هي اڳوڻي حڪمران جماعت  جي حيثيت ۾ پڻ سنڌ جي عوام کي نه صرف متاثر نه ڪري سگهي آهي پر رڳو نيشنل پارٽي جي تنظيمي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي حد تائين به هن جماعت جو سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ڪو وجود آهي. اها صورتحال يقينن ڊاڪٽر عبدالمالڪ ۽ نيشنل پارٽي جي سموري قيادت ۽ ذميوارن لاءِ  عجيب ۽ وڏي پريشاني وارو سوال ۽ ڳجهارت بڻيل آهي. نه ته ڪنهن به حڪومتي يا اقتداري جماعت ۾ ته هونئن به ماڻهو ڪاهي پوندا آهن پر هتي صورتحال بلڪل مختلف ۽ سربستو راز بڻيل آهي.بيشڪ ! ملڪ جي تحريڪي ليڊر باباءِ  بلوچستان  مير غوث بخش بزنجو جي شخصيت بابت سنڌ جو عوام آگاهي رکي ٿو پر سندس حياتي ۾موجود سندس پاڪستان نيشنل پارٽي ڪنهن حد تائين، سنڌ جي ترقي پسند ڌرين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي سان گڏجي پنهنجي لاءِ  ڪجهه قبوليت پيدا ڪئي پر مير صاحب جي وفاق بعد سندس جماعت ۽ سنڌي قوم هڪٻئي کان مڪمل طور تي لاتعلق ٿي ويا۽ اها  دوري واري صورتحال اڄ ڏينهن تائين  انهيءَ  جماعت  ۽ بعد ۾ نئين نالي سان قائم ٿيندڙ نيشنل پارٽي ۽ سنڌي قوم ۾موجود آهي.اهو معاملو رڳو نيشنل پارٽي ۽ سنڌ جي عوام جو به ناهي پر اهو سوال سنڌ ۽ بلوچستان جي هڪٻئي سان تاريخي تعلق ۽ حال جي سياست سان به لاڳو ٿئي ٿو ، جنهن جي پڻ هڪ پيرائتي ۽ تفصيلي تاريخ ضرور بيان ڪري سگهجي ٿي ۽ ان جو هڪ راز سنڌ جي مارئي ۽ بلوچستان جي پنهونء  واري رزميه داستان ۽ معاملي ۾ پڻ بيان ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.